English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جھمپير ۽ ڀرپاسي ڪوھستاني پٽي ۾ بااثرن پاران پاڻي جي لنگھن تي مبينا قبضا
242 views
|
22nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
جھمپير ۽ ڀرپاسي ڪوھستاني پٽي ۾ بااثرن پاران پاڻي جي لنگھن تي مبينا قبضا
ٺٽو(ڊ ر) جھمپير ْ۽ ان جي اسپاس ڪوھستاني پٽي ۾ بااثر ماڻھن پاران قبضا ڪرڻ بعد ھاڻي قدرتي جابلو پاڻي جي لنگھن تي بہ قابض بڻجي انھن کي ڳرين مشينن ذريعي بند لڳائي پاڻي جي چوڙ کي بند ڪيو پيو وڃي، جيڪو پاڻي ڪنھن بہ وقت وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو، پر انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، جنھن ڪري علائقي واسي خوف ۾ ورتل آھن، ان سلسلي ۾ متاثر ٿيندڙ ڪيترن ئي مقامي رھواسين دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ بااثر ماڻھن طاقت جي زور تي جھمپير لڳ قدرتي جابلو پاڻي جي لنگھ نئين ٻاڙي کي ڳري مشينري ذريعي بند لڳائي پاڻي کي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنھن بہ وقت وڏي نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ جو روڊ جي ھڪ پاسي عوامي آبادي آھي تہ ٻئي پاسي ريلوي ٽريڪ آھي، جابلو پاڻي جي ھن وڏي وھڪري نئي ٻاڙي جي پاڻي کي اھڙي طريقي سان بند لڳائي روڪيو ويو تہ برساتون پوڻ بعد کين وڏو نقصان پھچي سگھي ٿو، پر انتظاميہ اڃان تائين ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ھنن ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ فورن نوٽيس وٺي نئي ٻاڙي تي بااثر ماڻھن پاران ڳرين مشينن ذريعي لڳندڙ بند کي ختم ڪرائي بااثر ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري قدرتي پاڻي جي لنگھن کي قبضن کان اجو ڪرائي علائقي واسين کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جھمپير
ڪوھستاني پٽي
ٺٽو
0 تبصرے