English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ اسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو
144 views
|
16th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ سميت ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جي استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ملير (درياخان شر) ڪاٺوڙ گورنمينٽ ڪاليج جي استاد استادن جو اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين خلاف احتجاجي مظاهرو، عهدي تان هٽائڻ جي گهر ، ميمڻ ڳوٺ سميت ڪراچي جي مختلف ڪاليجن جي استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سپلا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته استادن جي بي عزتي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، اي سي گڏاپ زين العابدين کي نه هٽايو ويو ته ايندڙ هفتي ڪاليجن ۾ تدريس جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جو چوڻ آهي ته غلط فهمي جي بنياد تي معاملو ٿيو آهي آفيسر وزٽ تي هيو بروقت معاملو ختم ڪيو ويو هو سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرر ايسوسيئيشن اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين پاران ملير جي گورنمينٽ گرلز ڪاليج ڪمال خان جوکيو ڳوٺ ۾ علي نواز جوکيو ۽ ٻين سان هتڪ آميز رويو اختيار ڪندي کين جيل موڪلڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جيڪو عمل معاشري ۾ سڌارو پيدا ڪندڙ استادن لاء اختيار ڪرڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي جو عمل آهي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گڏاپ ، رزاق آباد گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميمن ڳوٺ سميت مختلف ڪاليجن ۾ استادن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر خلاف هراسان ڪرڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو ڪاليج جي استادن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏهاڙي اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين اوچتو ملير جي علائقي ڪاٺوڙ ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ڪمال خان جوکيو پهتو ۽ استادن پروفيسر علي نواز جوکيو ۽ ٻين کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ان سلسلي ۾ سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن (SPLA) جي مرڪزي صدر منور عباس، سيڪريٽري جنرل پروفيسر شاهجهان پنهور، ٻين اڳواڻن پروفيسر حسن ميربحر، نهال اختر، احمد علي خان، شفيق زهرا، نديم احمد، حسين، محمد. حميد، محمد جمال، ڪنول مجتبيٰ، عبدالرشيد مغل، محمد هارون، ابوبڪر بلوچ، مقبول ميمڻ،۽ ٻين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين گذريل ڏينهن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪمال خان جوکيو ڪاليج جي دوري دوران مرد ۽ عورت ڪاليج جي استادن سان بدتميزي ڪئي هئي جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا استادن جي احترام کان بغير معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي استاد قوم جي ٻارڙن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ انهن جي توهين ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. ايس پي ايل اڳواڻن سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، سنڌ ڪاليجز سيڪريٽري آصف اڪرام کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير کان اسسٽنٽ ڪمشنر کي معطل ڪرڻ جو پڻ گهر ڪئي آهي ايس پي ايل اڳواڻن اهو به چيو ته جيڪڏهن ڄاڻايل آفيسر کي نه هٽايو ويو ته ايندڙ هفتي کان سمورن ڪاليجن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ڪاٺوڙ گورنمينٽ ڪاليج
اسسٽنٽ ڪمشنر گڏاپ زين العابدين
0 تبصرے