English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان انتظاميه پاران آگاهي ريلي ڪڍي وئي
235 views
|
15th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت عوام کي صاف خوراڪ جي فراهمي لاءِ فوڊ اٿارٽي قائم ڪئي آهي: اي ڊي سي لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز (ڊ ر) خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد مستقيم قريشي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي سلطان مهيسر، فوڊ سيفٽي آفيسر نوشهروفيروز عمارا فريد خانزاده ۽ ٻيا آفيسر ۽ شهري موجود هئا. ان موقعي تي ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر لياقت علي لنڊ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي صاف خوراڪ جي فراهمي لاءِ فوڊ اٿارٽي قائم ڪئي آهي. ضلعي انتظاميه فوڊ اٿارٽي سان مڪمل تعاون ڪندي. ۽ تمام جلد ضلعي ۾ ناقص شين جو وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڇاپا هنيا ويندا. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دڪاندارن ۽ واپارين جي نشاندهي ڪن جيڪي غير معياري شيون وڪرو ڪن ٿا. ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي. ان موقعي تي فوڊ اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته نوشهروفيروز ضلعي ۾ ملاوٽ وارين شين کي روڪڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن، پهرين مرحلي ۾ دڪاندارن کي غير معياري شين جو وڪرو روڪڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ فوڊ سيفٽي آفيسر عمارا فريد جو چوڻ هو ته ضلعي جي مختلف علائقن ۾ کاڌي پيتي جي دڪانن ۽ هوٽلن جو معائنو ڪيو ويو آهي، جتي صفائي سٿرائي جا ناقص انتظام ھئا انهن هوٽلن ۽ دڪانن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته صفائي سٿرائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن کير ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لياقت علي لنڊ
نوشهرو فيروز
Food
ADC
0 تبصرے