English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ ويڳي پٽ جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت ۽ سندس ڀاءُ واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
مقتولا ساجده ڀٽي ۽ وحيد سابقي جي وارثن، سول سوسائٽي، قومپرست، مذهبي اڳواڻن، صحافين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو
مورو(جاني جماڻي) مورو شھر م بيگناھ ۽ بيدردي سان قتل ٿيندڙ ساجده ء سندس ڀاءُ وحيد سابقي جي قتل ۽ ملوث ٻين قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن، سول سوسائٽي، قومپرست، مذھبي، صحافين، انساني حقن جي تنظيم پاران قرآن پاڪ کڻي نياڻين سان گڏ احتجاجي ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب جي سامھون ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي احتجاج جي اڳواڻي مقتولن جا وارث امڙ خانزاديءَ، ڀيڻ ناديہ، نياڻي ڪشمالا، وحيد جي بيوہ سونھن، صدام ڪورائي، اعجاز ڪورائي، زاھد سابقي، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ تحمينہ ميمڻ، بسمہ ڀان، جسقم اڳواڻ آزاد امتياز کوسو، ايس ٽي پي اڳواڻ اصغر بليدي، بلاول ڏاھري، فنڪار نگھت ناز، سڌير ميرالي، امن ڪاميٽي اڳواڻ خادم حسين کوسو، برڪت چنو، صدام ڪلھوڙو، جاني مورائي، آڪاش ڪورائي، وقار ٻلال، قاسم زرداريءَ، فياض ڪورائي، فاروق ڪورائي، سيد بابر شاھ، حاجي خان سمون، حسن زرداريءَ، عبدالغفار ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو تہ مورو شھر جي وچ روڊ تي سرعام جوابدار راشد علي ڀٽي فائرنگ ڪري اسان جي نياڻي پنھنجي ويڳي ماءُ ساجدہ ڀٽي ۽ اسان جي ڳڀرو نوجوان ڀاءُ وحيد سابقي کي گوليون ھڻي بي درديءَ سان قتل ڪيو آھي، ٻٽي قتل ۾ ملوث راشد علي ڀٽي گرفتار آھي جڏھن تہ ٻيا جوابدار اسد ڀٽي، لياقت ڀٽي، شمن ڀٽي، ڪامران ابڙو اڃا تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا، ھاڻي اسان کي جوابدار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻو ٻي صورت توھان کي بہ ماريو ويندو جن مان اسان کي جان جو خطرو آھي. مقتولن جي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ پاڻ کي باھيون ڏينداسين، سمورن سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي قومپرست حلقي سان واسطو رکندڙن وڏي وزير، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کان مطالبو ڪيو تہ مورو شھر ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو نوٽيس وٺي امن بحال ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ساجده ڀٽي
وحيد سابقي
مورو
ڪشمالا،
0 تبصرے