English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف علي زرداري سنڌين جي نسل ڪشي لاءِ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي موت جو پروانو جاري ڪيو: اياز لطيف پليجو
217 views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌي نوجوان سنگت دبئي پاران اياز لطيف پليجي جي مان ۾ فجيرا شهر ڀرسان مسافي جي پهاڙين ۾ آجياڻو
حيدرآباد (بيورو) سنڌي نوجوان سنگت دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ فجيرا شھر جي ڀرسان مسافي واري علائقي جي پھاڙين ۾ شاندار آجياڻو ڏنو ويو ۽ کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪن، لنگهين ۽ سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا آجياڻي ۾ دبئي ۾ رھنڌڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ آصف علي زرداري سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي لاءِ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي موت جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون، سنڌ جي ھزارين سالا ثقافت ۽ تھذيب موت جو گرھ بنجي ويندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڀڙڀانگ ڪئي وئي آھي. سنڌو درياھ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان درياھ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو جنھن سان سنڌ ايٿوپيا، صوماليا ۽ ريگستان بڻجي ويندي سنڌو درياھ سنڌ ۽ سنڌين جو جياپو آهي جيستائين ھڪ بہ سنڌي زنده هوندو تيستائين پنهنجي درياھ کي قتل ٿيڻ نہ ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 3 ڪرڙو سنڌي پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ڀرپور نموني جدوجھد ڪن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اڳيان احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتالون ڪري ياداشت نامون پيش ڪن. ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري آھي، اھو فطري ڇوڙ بند ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي اڳتي وڌي آيو آھي ۽ زير زمين پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي مسلسل چوٿين حڪومت ھلي رھي آھي، جنھن جو نتيجو آھي جو ڌاڙيل ۽ منشيات فروش وڌيڪ مضبوط آھن ۽ قانون انھن جي اڳي ڪمزور آھي. غريب ماڻھن انصاف کان محروم آھن. ڪرپشن سبب پوليس ۾ ڏوھاري عنصر شامل ٿي ويا آھن، جيڪي خود ڏوھن جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. انصاف نہ ھجڻ ڪري اسان جو سماج انارڪي جو شڪار ٿي رھيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ڏينھن ڏينھن بحرانن جي ور چڙھي رھيو آھي. بيڊ گورننس جي ڪري معاشي بحران شديد ٿي رھيو آھي.اسان کانپوءِ آزاد ٿيل ملڪ ترقي ۾ اڳتي آھن. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري پاڪستان جي ماڻھن جي مقدر بنجي وئي آھي. ڪرپشن جي ڪري اسين مسئلن ۽ مصيبتن جو شڪار آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پوليس کي بيوس ۽ لاچار بنايو ويو آھي، جنھنڪري ڏوھاري طاقتور ٿي ويا آھن. منشيات فروشن شھر شھر کي پنھنجي منڊي بنائي ڇڏيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف علي زرداري
سنڌي نوجوان سنگت دبئي
0 تبصرے