English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آصف علي زرداري سنڌين جي نسل ڪشي لاءِ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي موت جو پروانو جاري ڪيو: اياز لطيف پليجو
views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌي نوجوان سنگت دبئي پاران اياز لطيف پليجي جي مان ۾ فجيرا شهر ڀرسان مسافي جي پهاڙين ۾ آجياڻو
حيدرآباد (بيورو) سنڌي نوجوان سنگت دبئي پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾ فجيرا شھر جي ڀرسان مسافي واري علائقي جي پھاڙين ۾ شاندار آجياڻو ڏنو ويو ۽ کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪن، لنگهين ۽ سنڌي ٽوپين جا تعفا ڏنا آجياڻي ۾ دبئي ۾ رھنڌڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ آصف علي زرداري سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي لاءِ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جي منظوري ڏئي موت جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو درياءَ قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون، سنڌ جي ھزارين سالا ثقافت ۽ تھذيب موت جو گرھ بنجي ويندي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي لکين ايڪڙ سنڌ جي زمين ڀڙڀانگ ڪئي وئي آھي. سنڌو درياھ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان درياھ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو جنھن سان سنڌ ايٿوپيا، صوماليا ۽ ريگستان بڻجي ويندي سنڌو درياھ سنڌ ۽ سنڌين جو جياپو آهي جيستائين ھڪ بہ سنڌي زنده هوندو تيستائين پنهنجي درياھ کي قتل ٿيڻ نہ ڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 3 ڪرڙو سنڌي پنهنجي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ڀرپور نموني جدوجھد ڪن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اڳيان احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ بک هڙتالون ڪري ياداشت نامون پيش ڪن. ڪوٽڙي کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري آھي، اھو فطري ڇوڙ بند ڪرڻ سبب سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي اڳتي وڌي آيو آھي ۽ زير زمين پاڻي زھريلو ٿي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي مسلسل چوٿين حڪومت ھلي رھي آھي، جنھن جو نتيجو آھي جو ڌاڙيل ۽ منشيات فروش وڌيڪ مضبوط آھن ۽ قانون انھن جي اڳي ڪمزور آھي. غريب ماڻھن انصاف کان محروم آھن. ڪرپشن سبب پوليس ۾ ڏوھاري عنصر شامل ٿي ويا آھن، جيڪي خود ڏوھن جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. انصاف نہ ھجڻ ڪري اسان جو سماج انارڪي جو شڪار ٿي رھيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ڏينھن ڏينھن بحرانن جي ور چڙھي رھيو آھي. بيڊ گورننس جي ڪري معاشي بحران شديد ٿي رھيو آھي.اسان کانپوءِ آزاد ٿيل ملڪ ترقي ۾ اڳتي آھن. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري پاڪستان جي ماڻھن جي مقدر بنجي وئي آھي. ڪرپشن جي ڪري اسين مسئلن ۽ مصيبتن جو شڪار آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پوليس کي بيوس ۽ لاچار بنايو ويو آھي، جنھنڪري ڏوھاري طاقتور ٿي ويا آھن. منشيات فروشن شھر شھر کي پنھنجي منڊي بنائي ڇڏيو آھي. نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف علي زرداري
سنڌي نوجوان سنگت دبئي
0 تبصرے