English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ملهه پهلوان اياز علي شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف ملير ۾ احتجاجي مظاهرو
views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٺٽي جي ملهه پهلوان جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس مڙهڻ خلاف رزاق آباد ۾ احتجاجي مظاهرو عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو، پوليس ۽ بااثر ڌرين خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا، اياز شاھ بخاري سنڌ جو اثاثو آهي، عام چونڊن ۾ بااثر ماڻهو سامهون اليڪشن ۾ بيهڻ تي کيس انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، نياز شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان سيد اياز علي شاھ بخاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي ٺٽو پوليس هٿان گرفتار ڪرڻ خلاف رزاق آباد ۾ نوجوانن نياز علي شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول، نادر شاھ، نند لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو اياز شاھ کي آزاد ڪريو، ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي جيڪڏهن ڪير به بااثر ماڻهن خلاف آواز بلند ڪري ٿو ته هن کي ونگاري پوليس هٿان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرايو وڃي ٿو سيد اياز علي شاھ بخاري هڪ شريف گهراڻي سان تعلق رکي ٿو جنهن کي سڄي سنڌ ۾ ملهه پهلوان هئڻ ناتي سڃاتو ويندو آهي گذريل عام چونڊن ۾ بااثر ايم پي اي خلاف چونڊ وڙهڻ جي پاداش ۾ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي تنگ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته چونڊون وڙهڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي پر ذاتي انا جو مسئلو ٺاهي طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ سراسر ظلم ۽ بربريت آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سيد اياز علي شاھ بخاري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي
اياز علي شاهه بخاري
ملهه پهلوان
عوامي پريس ڪلب
رزاق آباد
ملير
0 تبصرے