English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ملهه پهلوان اياز علي شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف ملير ۾ احتجاجي مظاهرو
255 views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٺٽي جي ملهه پهلوان جي گرفتاري ۽ ڪوڙا ڪيس مڙهڻ خلاف رزاق آباد ۾ احتجاجي مظاهرو عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو، پوليس ۽ بااثر ڌرين خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا، اياز شاھ بخاري سنڌ جو اثاثو آهي، عام چونڊن ۾ بااثر ماڻهو سامهون اليڪشن ۾ بيهڻ تي کيس انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، نياز شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : سنڌ جي نامياري ملهه پهلوان سيد اياز علي شاھ بخاري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي ٺٽو پوليس هٿان گرفتار ڪرڻ خلاف رزاق آباد ۾ نوجوانن نياز علي شاھ، نبي بخش شيخ، مشتاق گبول، نادر شاھ، نند لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو اياز شاھ کي آزاد ڪريو، ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آهي جيڪڏهن ڪير به بااثر ماڻهن خلاف آواز بلند ڪري ٿو ته هن کي ونگاري پوليس هٿان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرايو وڃي ٿو سيد اياز علي شاھ بخاري هڪ شريف گهراڻي سان تعلق رکي ٿو جنهن کي سڄي سنڌ ۾ ملهه پهلوان هئڻ ناتي سڃاتو ويندو آهي گذريل عام چونڊن ۾ بااثر ايم پي اي خلاف چونڊ وڙهڻ جي پاداش ۾ کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي تنگ ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته چونڊون وڙهڻ هر ڪنهن جو جمهوري حق آهي پر ذاتي انا جو مسئلو ٺاهي طاقت جو غلط استعمال ڪرڻ سراسر ظلم ۽ بربريت آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته سيد اياز علي شاھ بخاري کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي
اياز علي شاهه بخاري
ملهه پهلوان
عوامي پريس ڪلب
رزاق آباد
ملير
0 تبصرے