English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪب آباد ۾ قمبراڻي - معرفاڻي خوني تڪرار جو جرڳو، 9 قتل ثابت، 2 ڪروڙ 73 لک ڏنڊ
views
|
25th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
معرفاڻي ڌر جي خون جي بها 25 لک ۽ قمبراڻي ڌر جي في خون جي بها 35 لک مقرر
جيڪب آباد (رپورٽر) خوني جهيڙي جو فيصلو 9 قتل ثابت، 2 ڪروڙ 73 لک روپين جو جرمانو رکيو ويو، جيڪب آباد ۾ قمبراڻي ۽ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙي جو فيصلو مولا داد ۾نور رحمان جکراڻي جي بنگلي تي برهان چانڊيو، بابل ڀيو، شفقت جکراڻي جي سرپنچي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون، مشورن سان فتوي تيار ڪئي وئي، فتويءِ مطابق معرفاڻي برادري تي 6 قتل ۽ 2 زخمي ثابت ٿيا ۽ قمبراڻي برادري تي 3 قتل ۽ 2 زخمي ثابت ٿيا،هڪ قتل 25 لک روپيا جرماڻو لاڳو ڪيو، جڏهن قمبراڻي برادري جي معزز ڏيول قمبراڻي جي پٽ ۽ ڀائيٽي جو خون 35 لک روپيا جرمانو رکيو ويو، معرفاڻي تي 6 خون ۽ 2 زخمين تي هڪ ڪروڙ 84 لک 50 هزار روپيا مقرر ٿيا، جڏهن ته قمبراڻي برادري تي 3 خون ۽ 2 زخمين جي 89 لک مقرر ڪيا ويا، ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 73 لک 50 هزار روپيا جرمانو مقرر ٿيو، جڏهن ته ڏيول قمبراني جي وڏي ممتاز جکراڻي جي چوڻ تي 20 لک روپيا معاف ڪري معرفاڻي برادري کي 89 لک روپيا 75 لک روپيا 50 هزار3 قسطن ۾ ادا ڪندا، فيصلي سان ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جيڪب آباد
قمبراڻي
معرفاڻي
خوني تڪرار
0 تبصرے