English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو جلسو، نوان ڪئنال ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ وارا فيصلا رد
views
|
12th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ٿر جون زمينون نيلام ڪرڻ واري حڪم نامو صدارتي ھائوس ۾ جاري ٿيو آھي: سيد زين شاهه
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ جي ڊي اي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپني جي حوالي ڪرڻ خلاف نڪتل بيداري مارچ عمرڪوٽ پهتو، وک وک تي آجيان، جلسو، سنڌو درياھ تي ٺھندڙ ڪئنالن کي ۽ سنڌ جي زمينن کي ڪمپنين کي فوري طور تي رد ڪرڻ جو مطالبو تفصيل موجب سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف نڪتل بيداري مارچ ڪالھ عمرڪوٽ پُھتو جتي پريس ڪلب آڏو جلسو پڻ ٿيو جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير صدرالدين شاھ راشدي چيو ته اسان سامراج اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو اسان ڪنڌ ڪپائي سگھون ٿا پر پوئتي نه هٽنداسين سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪري پ پ وارا ثابت ڪن ته اھي سنڌ سان گڏ آھن ھن چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا بيداري مارچ جو مقصد سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن بابت عوام کي سڄاڳ ڪرڻ لاء عمرڪوٽ پُھتا آھيون ان ڪري عوام کي گھر گھر وڃي سنڌ جي وسيلن بابت ھلندڙ تحريڪ ۾ وڌ کان وڌ ماڻھو شامل ٿين سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سنڌ جي صدر سيد زين شاھ چيو ته سنڌو دريا سنڌ جي سڃاڻپ آھي سنڌو ڪروڙين سنڌ جي ماڻھن جو روزگار آھي ھن چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ٿر جون زمينون نيلام ڪرڻ واري حڪم نامو صدارتي ھائوس ۾ جاري ٿيو آھي ھن چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آھي اسان سنڌ وسيلن تي ملي ڀڳت ڪري سوڌو ڪرڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته تحريڪ باوجود غيرقانوني ڪئنالن جو زوري ڪم شروع ٿي چڪو آھي عوام ھوشياري وٺو تحريڪ جو حصو بڻجو ته سنڌ جا وسيلا بچايون ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته دريا سنڌ اسان جو رت آھي جنھن کي بند ڪرڻ تباھ ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو نامظور ڪيون ٿا ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته سنڌ وسيلن خاطر عمرڪوٽ جي عوام ڀرپور ساٿ ڏنو آھي رڳو سنڌو درياھ يا زمينن جو مسئلو ناھي ھي سنڌ جي عوام ثاليميت جو مسئلو آھي ھن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ حڪومت سنڌ تباھ ۽ برباد ڪرڻ جو فارمولو جوڙيو آھي جيئي سنڌ معاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته 17 سالن کان پ پ حڪومت عوام جي خدمت بجاء زحمت بڻجي حڪومت جي آڙ ۾ ڪرپشن ڪئي پير پاڳاري سان گڏ سنڌ وسيلن کي بچائڻ نڪتا آھيون اڳوڻي پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالھي چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙو ۽ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ويران ڪرڻ جي سازش آھي سنڌ جي عوام کي ڪنھن به صورت ۾ اھو قبول نه آھي سنڌ جي زمين کي کپائڻ نه ڏينداسين اڄ سنڌ جي عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ نه ڏنا ويندا جڏھن ته جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظھر راھوجو، روشن ٻرڙو، آزاد امير پنھور، وڪيل ڀاڳچند ڀيل، فقير غلام نبي منڱريو، فقير خضر حيات منڱريو، فقير محب منڱريو، ايس يو پي اڳواڻن روشن منڱريو، حاجي ساند، گل بجير سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ
سيد زين شاهه
0 تبصرے