English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايم پي اي هير سوهو جي سنڌ حڪومت جي ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو سجاول پهچڻ تي آجيان
views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو جو قافلو هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مامون لاڏو چوڪ سجاول پھتو
سجاول (گلشيرميربحر )ايم پي اي هير سوهو جو سنڌ حڪومت جي ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي شهر ميرپور بٺورو ڏانھن ويندي سجاول شھر ۾ پ پ اڳواڻن، ورڪرن، علائقي جي معززين ۽ عوام جي وڏي انگ پاران گلن جي ورکا. سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو جو قافلو هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مامون لاڏو چوڪ سجاول پھتو جتي ترجمان سنڌ حڪومت هير سوهو خطاب ڪندي چيو ته صدر پاڪستان آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي شڪر گذار آهيان جن عزت ڏني. جيڪا ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي ڏني آهي اها سچائي ايمانداري سان نڀائيندس. هن چيو ته سجاول ضلعو پٺتي پيل ۽ مسئلن ڳڙ بڻيل آهي .هن وڌيڪ چيو ته سموري سنڌ جيان هن ضلعي ۾ پڻ ترقياتي رٿائن جا ڄار وڇائينداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. ۽ ڪنڌي رهندي هن چيو ته ضياء ۽ مشرف جي آمراڻي مشڪل ترين دور ۾ پ پ جي ورڪرن، علائقي جيالن ۽ عوام جو جيئڻ جنجال هو، انهن جي قبرن تي وڃڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي. پر اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار اڄ به امر آهي ۽ سندن مزارن تي هزارين ماڻهو لڙڪ لاڙي دعائون گهرن ٿا. هن چيوته پيپلز پارٽي قربانيون ڏئي عوام جي دلين ۾ جايون ٺاهيون آهن منهجو جيئڻ مرڻ هتان جي عوام سان آهي کين ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ عوام سان گڏجي هن شهر سميت ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون. ۽ محمد علي ملڪاڻي، ريحانه لغاري، دانش ملڪاڻي سميت سمورن ورڪرن ۽ جيالن جو ٽيم ورڪ مثالي آهي. هن چيو ته جئي ڀٽو جو نعرو لڳندو رهندو پ پ جو جهنڊو جهولندو رهندو، عوام سان گڏ آهيون گڏ رهنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ايم پي اي هير سوهو
سنڌ حڪومت
0 تبصرے