English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نااھل حڪمران آئي ايم ايف جي ايجنڊا تي ھلي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي جا طوفان برپا ڪري رھي آھي: اياز لطيف پليجو
38 views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران آئي ايم ايف جي چوڻ تي سنڌ ۾ زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آئي ايم ايف جي چوڻ تي سنڌ ۾ زرعي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ تي افسوس اظهار ڪندي چيو آھي تہ ايندڙ وقت وڌيڪ سنڌ سميت ملڪ لاءِ ڏکيو آھي. نااھل حڪمران آئي ايم ايف جي ايجنڊا تي ھلي عوام دشمن معاشي پاليسيون جوڙي مھانگائي جا طوفان برپا ڪري رھي آھي.اسان کي بہ سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي بہ حڪمران اچن ٿا اھي ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بنائي ڇڏين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جا مفاد اسان جي معيشت جي چيلھ ڀڃي رھيا آھن. اسان کي پنھنجي آزاد خودمختيار پاليسيون جوڙي اڳتي وڌڻو پوندو. ٻاھرين ڊڪٽيشن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ سان اسين ٻين ملڪن کان پوئتي آھيون.سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي جي ذميوار وفاق ۽ سنڌ حڪومت آھي. زرعي معيشت جي تباھي جي ڪري لکين خاندان غربت ۽ بيروزگاري جو شڪار آھن. سنڌ جي آبادگارن مٿان ناجائز زرعي ٽئڪس جو بار وڌو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ کي ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ھلائڻ ڪري اسان جون پاليسيون آزاد، خودمختيار ۽ عوام دوست ناھن. آئي ايم ايف پنھنجن مفادن واريون پاليسيون جوڙين ٿا ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ڪن ۾ اڇلائي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجي
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے