English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي تباهي جو منصوبو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي
views
|
31st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ دشمن منصوبي جي روڪٿام لاءِ سنڌ جي عوام کي روڊن تي نڪرڻو پوندو: ايس ٽي پي سربراهه
شڪارپور( احسان ابڙو )ايس ٽي پي سربراہ چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو مرڪزي اڳواڻن سان شڪارپور پھچي سنڌ اسانجي ماءُ ۽ سنڌوءَ ۾ اسان جو ساھ آ جي عنوان سان مھم جي سلسلي شڪارپور پھچي شھر جي مک چوڪ لکيدر تي آيل شھرين سان خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي, ڄام عبدالفتاح سميجو ۽ ٻين چيو تہ ماضي ۾ بہ سنڌو درياھ مٿان اھڙا وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي, پر انھن جا منصوبہ ھميشہ سنڌ جي غيرتمند عوام رد ڪيا آھن, ھنن چيو تہ ڪالاباغ ڊيئم ھجي يا ٻيا ڊيئم ڪڍڻ لاء ان وقت جي حڪومتن نھن چوٽي جا زور لڳايا پر پنھنجا فيصلا مڃرائي نہ سگھيا آھن,ھاڻي شھباز حڪومت سنڌو درياھ مٿان وري وار ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آ اسان ان کي رد ڪيون ٿا ۽ اسان انھن کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تہ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ 6 ڪيئنال واري منصوبي کي واپس ورتو وڃي,ھنن وڌيڪ چيو تہ پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي غيرآباد ڪرڻ وارو منصوبو ڪڏھن بہ ڪامياب ٿيڻ نہ ڏينداسين, سنڌ حڪومت ڪئنالن واري منصوبي تي خاموش آھي, ان مان صاف ظاھر ٿي پيو تہ سنڌ حڪومت چاھي پئي تہ سنڌ جو پاڻي پنجاب حوالي ڪري سنڌ جي ماڻھن کي بک ۽ اڃ تي ماريو وڃي, آصف زرداري پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء سنڌو مان نڪرندڙ ڪئنالن واري بل تي صحيح ڪري سنڌ مٿان وار ڪيو آ اسان ان فيصلي کي رد ڪندي مطالبو ڪيون ٿا تہ ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي,اسان پھرين ڏينھن کان ڪئنالن واري فيصلي جي خلاف آھيون ۽ مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون ھنن چيو تہ جلد ھڪ ٻيو احتجاج حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي ڪيو ويندو, سنڌ جي مظلوم عوام سان ھميشہ ظلم ۽ جبر واري پاليسي کيڏي وئي آھي, سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجا حق نہ ٿا ڏنا وڃن, سنڌ جا ماڻھو روزگار لاء پريشان آھن,ھاڻي سنڌ جو پاڻي بہ کسيو وڃي پيو,جيڪو اسان ڪرڻ نہ ڏينداسين ھاڻي سنڌ جا ماڻھون سڄاڳ ٿي چڪا آھن, سنڌو مان ڪئنال سمورا نامنظور سنڌو ھميشہ شاد ۽ آباد رھندو, ريلي ۾ شھرين وڏي پاران شرڪت ڪري سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪئنالن خلاف نعري بازي ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي سربراهه
STP
Indusriver
0 تبصرے