English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مٽياري ۾ پهرئين ايگرو لائيو اسٽاڪ اينڊ هينڊيڪرافٽس ايڪسپو جون تياريون مڪمل
36 views
|
07th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
8فيبروري تي ٻن ڏينهن واري ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو: ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ
مٽياري (رپورٽر) ضلعي انتظاميه مٽياري پاران پهرئين ايگرو لائيو اسٽاڪ اينڊ هينڊيڪرافٽس ايڪسپو 2025 جون تياريون مڪمل، سڀاڻي 8 فيبروري تي ٻن ڏينهن واري ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ ايڪسپو واري هنڌ نيشنل هائي وي مٽياري لڳ انصاري ريزيڊنسي ۾ پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته ضلعي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هي ميگا ايونٽ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ زراعت، چوپائي مال، هٿ جي هنرن، کاڌ خوراڪ، گلن جي نمائش، رڌ پچاءُ ۽ ثقافتي راندين جا 200 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا آهن. هن چيو ته مٽياري، هالا، سعيدآباد، ڀٽ شاهه، اڏيرو لال سميت ضلعي جي ٻهراڙي توڙي شهري علائقن جا ماڻهو انتهائي گهڻا هنرمند ۽ محنت ڪش آهن، ايڪسپو جو مقصد ٻهراڙي جي معيشيت جي ترقي لاءِ نوان دروازا کولڻ آهي ته جيئن هاري، آبادگار توڙي هنرمند پنهنجي پورهئي کي سڌو سنئون مارڪيٽ ۾ آڻي سٺو منافعو ڪمائي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته وڌي پيماني تي ٿيندڙ ايڪسپو لاءِ سنڌ انٽرپرائزز ڊولپمينٽ فنڊ (ايس اي ڊي ايف)، زراعت، لائيو اسٽاڪ سماجي ڀلائي، صحت، تعليم، انفارميشن، پوليس، اسٽيٽ بينڪ، ٻين بينڪن ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن جو ڀرپور سهڪار رهيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ چيو ته ايڪسپو ۾ زراعت، چوپائي مال ۽ دستڪاري سان لاڳاپيل ماروئڙن کي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ذريعي جديد دور سان ڳنڍڻ لاءِ ڀرپور نيٽورڪنگ ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته 8 فيبروري تي صبح جو 10 وڳي ايڪسپو جو باقاعده افتتاح ڪيو ويندو جيڪو 9 فيبروري شام جو 6 وڳي تائين جاري رهندو، شاگردن پاران سائنسي ماڊل ۽ راندين جا مقابلا پڻ ٿيندا. پڄاڻي واري تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن، ادارن جي آفيسرن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويندو. پريس بريفنگ بعد ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سمورن لاڳاپيل ضلعي آفيسرن سان گڏجي ايڪسپو جي اسٽالن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نور احمد کهرو، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو اقرا جنت، ڊي ايڇ او پير غلام حسين، ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ضمير سرهيو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رفيق جمالي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالستار شيخ، اسسٽنٽ ڪمشنر هالا مظاهر ٻرڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد صابر ڪاڪا، ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر رياض لغاري، ڊپٽي ڪنٽرولر سول ڊفينس جلال ٻاٽي سميت ٻيا عملدار موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
محمد يوسف شيخ
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري
0 تبصرے