English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ايس پي نوشهروفيروز جي اڳواڻي ۾ مختلف شهرن ۾ فليگ مارچ
32 views
|
07th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز سٽي، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ رمضان دوران امن امان جي حوالي سان فليگ مارچ ڪيو ويو
نوشهروفيروز/مورو(رپورٽرز وٽان) رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ امن امان جي حوالي سان ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ جي اڳواڻي ۾ فليگ مارچ.ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگھار ملڪ جي نگراني ۾ رمضان جي مقدس مهيني دوران امن امان کي بهتر بڻائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ نوشهروفيروز سٽي ۽ مورو سميت مختلف شهرن ۾ پوليس موبائيلن تي فليگ مارچ ڪيو ويو. فليگ مارچ ۾ سب ڊويزنل پوليس آفيسرن سميت وڏي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته فليگ مارچ دوران ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ مورو مين روڊ، شاھي بازار جي ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي جنھن دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ فليگ مارچ جو مقصد عوام کي تحفظ ۽ يقين ڏيارڻ آهي، امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سڀني داخلي ۽ خارجي رستن تي اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو پڻ جاري آهي سڀني گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي ۽ شڪي ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. اعليٰ پوليس آفيسرن جي نگراني ۾ سنيپ چيڪنگ دوران، سڀني گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن مان فينسي نمبر پليٽون، رنگين ۽ ڪارا شيشا، پريشر هارن، نيريون بتيون وغيره پڻ هٽايو پيو وڃي. ھن چيو تہ جيل معاملي جي انڪوائري ھلندڙ آھي ذميوارن تي ڪيس داخل آھي ڪنھن کي بخش نہ ڪيو ويندو ھر حوالي سان محڪماتي ڪارروائي ٿيندي، ھن چيو تہ ٽريفڪ جي نظام بھتر بڻائڻ لاءِ مورو شھر ۾ 20 ٽريفڪ پوليس اھلڪار مقرر آھن ۽ وڌيڪ پڻ مقرر ڪيا ويندا شھرين جي ھر شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو ۽ پيادل پيٽرولنگ ڪري عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
ايس ايس پي نوشهروفيروز
0 تبصرے