English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت ۽ نادرا پاران ممتا پروگرام تحت 13 لک مائرن جي رجسٽريشن لاءِ معاهدو
294 views
|
28th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سماجي تحفظ جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي (SSPA) ۽ نادرا، حڪومت پاڪستان هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي تحت نادرا پاران سنڌ جي 15 ضلعن ۾ ممتا پروگرام هيٺ 13 لک مستحق مائرن جي رجسٽريشن ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي. هي معاهدو ڪراچي ۾ ٿيل هڪ سرڪاري تقريب دوران SSPA جي CEO سميع الله شيخ ۽ نادرا جي پروگرام مئنيجر جنيد شوڪت وچ ۾ صحيح ڪيو ويو. نادرا سنڌ جي ايڊیشنل ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٻنهي ادارن جا سينيئر عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ھن معاھدي موجب سنڌ جي لکين مستحق عورتن جي سھائتا لاءِ نوان رستا هموار ڪيا وڃن، جيڪي ممتا پروگرام تحت مالي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ اهل آهن پر سڃاڻپ ڪارڊ جي عدم موجودگي سبب فائدو وٺي نه سگهن ٿيون. معاهدي تحت مستحق عورتن جي شناختي ڪارڊ جي تصديق ڪئي ويندي، جيڪا رجسٽريشن جي عمل کي تيز، شفاف ۽ اثرائتو بڻائيندي ۽ مالي امداد جي ورڇ کي يقيني بڻائيندي. ان سان گڏ، SSPA کي فائدو ٿيندو ته هو پنهنجو ڊيٽابيس وڌيڪ بهتر بڻائي، جيئن سنڌ جي سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. تقريب دوران ڳالهائيندي، SSPA جي CEO سميع الله شيخ زور ڏنو ته هي شراڪت سنڌ جي عورتن ۽ ٻارن لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرام ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ آساني پيدا ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته نادرا انهن 15 مداخلتي ضلعن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فارم-بي جاري ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو، جتي ممتا پروگرام اڳ ۾ ئي لاڳو ڪيو ويو آهي. نادرا جون موبائل رجسٽريشن وينون پڻ متحرڪ ڪيون وينديون، ته جيئن ڳورھاري ۽ ٿڃ پياڪ مائرن جي رجسٽريشن جلدي مڪمل ڪري سگهون.هن وڌيڪ چيو ته هي معاهدو رجسٽريشن جي عمل ۾ پيدا ٿيندڙ رنڊڪن کي دور ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، ۽ ڪو به اهل مستحق عورت صحت جي سهولتن کان محروم نه رهندي. "نادرا جي سھڪار سان، اسان ممتا پروگرام کي وڌيڪ جامع ۽ سولو بڻائي رهيا آهيون،" هن وڌيڪ چيوتہ ھن شراڪت حڪومت سنڌ جي ان عزم کي ٻيهر ورجائي ٿي ته ڪا به عورت يا ٻار صحت ۽ مالي سهائتا کان محروم نه رهي. نادرا جي پروگرام مئنيجر جنيد شوڪت پڻ پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته نادرا سماجي تحفظ جي قدمن ۾ اڳواٽ بهتري آڻڻ لاءِ بهتر ڊيٽا مئنيجمينٽ ۽ رجسٽريشن خدمتون فراهم ڪندو. "اسان ممتا پروگرام جي اهميت کي سمجهون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته وڌيڪ عورتون هن حڪومت جي صحت واري منصوبي مان فائدو حاصل ڪن،" هڪ نادرا عملدار چيو. تقريب ۾ نادرا ۽ SSPA جا ٻين سينئر عملدار به موجود هئا، جن ۾ ماجد رضوي، پروجيڪٽ مئنيجر نادرا، نسيم ميراني، ايڊیشنل سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن ڊپارٽمينٽ، راشد محمود، ڊاڪٽر ڪامران بيگ، مهتاب ڀٽي، فرخ بشير، نويد ميمڻ، ۽ محترمه هما هاليپوٽو شامل هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ حڪومت
SSPA
0 تبصرے