English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پ پ ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46هين ورسي جي انتظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي انتظامن بابت اهم اجلاس پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جي صدر راجا عبدالرزاق بلوچ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير ۽ 4 اپريل جي جلسي جي انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، انفارميشن سيڪريٽري شاهجهان خان، ملير جي ايم اين ايز سيد آغا رفيع الله، عبدالحڪيم بلوچ ايم پي ايز ساجد جوکيو، سليم بلوچ. محمود عالم ڄاموٽ. ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، ٽائون چيئرمين ابراھيم حيدرينظير احمد ڀٽو، چيئرمين طارق عزيز ۽ چيئرمين جان محمد بلوچ ٻين شرڪت ڪئي، منظور بلوچ حسن بلوچ ،نعيم عباسي امير جت پارلياماني ليڊرن اختر يوسف عارفاڻي، رياض بلوچ، ڌڻي بخش سمون ڊاڪٽر مقبول ميمڻ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري جدوجهد ۽ عوامي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ورسي تقريب شاندار انداز ۾ ملهائي ويندي. اجلاس ۾ اجلاس جي انتظامن، سيڪيورٽي، عوام جي شرڪت ۽ ميڊيا ڪوريج بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. راجا عبدالرزاق بلوچ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته سموريون تياريون مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي تاريخي جلسو منعقد ڪري سگهجي. پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن 4 اپريل تي عظيم قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندا ۽ سندس مشن کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ذوالفقار علي ڀٽو
0 تبصرے