English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
همايون شريف ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي ريلي
391 views
|
10th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي ھمايو شريف ۾ سنڌو درياء تي ڌاڙي، 6 تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ھمايو شريف جي احتجاجي ريلي يو بي ايل بينڪ کان ٿيندي پريس ڪلب ھمايو شريف تائين پيادل مارچ ڪيو ويو تڪراري ڪئنالن خلاف مظاھرين آڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا ھٿن ۾ پلي ڪارڊ، پارٽي جا جھنڊا ۽ بينر کڻي شھر جو گشت ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه ، امداد سومرو ۽ سيد عنايت شاھ ٻيا ڪري رھيا ھئا.احتجاجي مارچ ۾ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومي محاذ، شھري اتحاد سميت مختلف مڪتب فڪر سان سلھاڙيل ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، سيد عنايت شاھ ۽ امداد سومرو چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ ۾ پنهنجي بادشاھت قائم ڪيو ويٺي آھي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ اسان جي 60 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي حملي خلاف سنڌ جو عوام ڪڏهن بہ خاموش نہ ويھندو. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو مزاحمت ڪندا سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آھن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي رستن تي آھن. جيڪو فصل ٿئي ٿو ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. سنڌ جا ماڻھو درياھ بچائڻ لاءِ اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏين.اڳواڻن وڌيڪ ڳالھيندي چئو ته سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جا ملڪ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان ڪري سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن، سنڌو درياءَ مان ڪئنال نڪتا تہ سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. جر مڪمل زھريلو ٿي ويندو. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن.سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ھيٺ ھلي وئي آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن.وفاقي حڪومت 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نہ لٿو تہ پوءِ سنڌ جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو، سنڌ ۾ آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت ۽ مال تي ٽيڪس لڳائڻ کي رد ڪريون ٿا. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. اڳواڻن وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. 6 ڪئنال ايٽم بم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھن. ھي 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ھجڻ ڪري ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار ۽ حصيدار آھن. آصف علي زرداري 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني. مراد علي شاھ ۽ ٻيا وزير سنڌ جي عوام کي دوکو ڏئي ڪوڙي مخالفت ڪري رھيا آھن. زاھد ڀنڀرو چيو تہ 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بنجي ويندي. ماڻھن جي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سکر کان ھيٺ درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن خاطر درياھ لاءِ جدوجھد ۾ شامل ٿين.ريلي کي ، عبدالصمند چانڊيو، محمد اسلم مارفاڻي، آفتاب شاھ، معشوق ٻرڙو، محمد پنھل چنو، شھزادو خان کھارو، سيد مختيار علي شاھ، عامر بابلاڻي، رياض منگي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
همايون شريف
شڪارپور
سنڌو درياء
0 تبصرے