English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رتيديري ۾ جسقم جساف پاران نينگري سان لڄالٽ واري واقعي خلاف احتجاج
views
|
07th May 2023
•
سنڌي خبرون
شفيع محمد رند درندگيءَ جي انتها ڪندي نينگري کي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو: اڳواڻ
رتوديرو (رپورٽر) رتيديري جي نادر شاه پاڙي مان 3 ڏينهن اڳ زبردستي اغوا ڪري حوس جو نشانو بڻايل نينگري سائرا شيخ واري واقعي خلاف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي هدايتن تي ناري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين آصف اوڍو ، اسد کوکر ، علي رضا عارباڻي ، سجاد خاصخيلي ، انصار چنو ، عبدالرحمٰن قريشي ، سميع گھانگھرو ، ضامن قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وحشي جوابدار شفيع محمد رند درندگيءَ جي انتها ڪري ڇڏي آهي هن معصوم ناري کي اغوا ڪرڻ بعد ساڻس زبردستي پنهنجي حوس جو نشانو بڻائي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته رتوديرو شهر هاڻي مڪمل طور تي غير محفوظ بڻجي ويو آهي جتي نياڻين جون عزتون به محفوظ ناهن رهيون هنن چيو ته غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هن نينگري سان ظالم ظلم ڪري سندس جي زندگي تباه ڪري ڇڏي آهي مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته گرفتار ڪيل جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي متاثر نينگري ۽ ان جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي نه ته بي صورت ۾ اڃا به سخت احتجاج ڪيا ويندا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رتوديرو
جسقم چيئرمين
صنعان خان قريشي
جيئي سنڌ قومي محاذ
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريش
0 تبصرے