جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ ڀٽ محلا واسي عورتن ۽ ٻارڙن سميت انصاف لاءِ پريس ڪلب پھتا

سنڌي خبرون 29th Oct 2023 117 مناظر

پرويز ڀٽ نالي شخص ۽ سندس گهرواري اسان تي ڪوڙا الزام هڻي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو: مسمات زرينا سولنگي

نوشهروفيروز(ڊ ر) ڀٽ محلا نوشهروفيروز جي رهواسي عورتن ۽ محلي جي نيڪ مردن پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي مسمات زرينا ممتاز فقير رجب منير ڀٽ سليمان سولنگي بخشل جهنڊير قربان ڀٽ عبدالڪريم جٽ ۽ ٻين چيو ته پرويز ڀٽ نالي شخص ۽ سندس گهرواري اسان جي مٿان ڪوڙا الزام هڻي اسان کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پرويز تمام وڏو بليڪ ميلر شرابي ۽ جواري آھي جڏهن ته سندس ڪردار رهواسين کان ڳجهو ناهي هڪ بدڪردار قسم جو ماڻهون آهي ۽ پاڙي ۾ فحاشي جو اڏو کولڻ چاهي پيو جڏهن هن کي روڪيو ويو ته هي شخص گندن الزامن تي لهي آيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڀينرن ۽ ڀائرن جيڪو سندس ملڪيت جو حصو هيو اهو کيس ڏئي ڇڏيو آهي جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز عابد بلوچ ڊي ايس پي عبداللّه لاکير سميت ٻين وسوارن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته هن بليڪميلر شخص پرويز ۽ سندس زال نورجهان ڀٽ مان اسان جان آجي ڪرائي اسان کي تحفظ ڏئي سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ