جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ ميرپورخاص روڊ تي فائرنگ، مري برادري جا ٻه سڳا ڀائر قتل، جوابدار فرار، مري ۽ شر برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو شڪ

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 7 مناظر
عمرڪوٽ ۾ ميرپورخاص روڊ تي فائرنگ، مري برادري جا ٻه سڳا ڀائر قتل، جوابدار فرار، مري ۽ شر برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو شڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي صوفي فقير ويجهو ٽالپر پمپ وٽ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مري برادري جا ٻه سڳا ڀائر وليداد مري ۽ مولا بخش مري قتل ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، پوليس مقتولن جا لاش ضلعي اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، خبر موجب مقتول وليداد مري ۽ مولا بخش مري سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۾ پيشي بعد موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ شادي پلي وڃي رهيا هئا ته صوفي فقير ويجهو ٽالپر پمپ وٽ نامعلوم ڪار سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر ٿڏي تي مارجي ويا، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، علائقي واسين موجب مري ۽ شر برادرين وچ ۾ گذريل هڪ سال کان خوني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن دوران گذريل سال مري برادري جي ماڻهن هٿان شر برادري جا ٽي ڄڻا قتل ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن، علائقي واسين شڪ ظاهر ڪيو آهي ته تازو واقعو به پراڻي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته واقعي جا اصل ڪارڻ جاچ کانپوءِ ئي سامهون اچي سگهندا، پوليس موجب فائرنگ ۾ ملوث جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جي وارثن پاران هن وقت تائين ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي، تنهن هوندي به جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، شهرين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻنهي ڀائرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ علائقي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ