اتوار، 25 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميرپور ساڪرو جي هيڊ مسٽريس گلناز جوکيو جي معطلي خلاف ساٽا ٺٽو جي گڏجاڻي

سنڌي خبرون 26th Nov 2025 394 مناظر
ميرپور ساڪرو جي هيڊ مسٽريس گلناز جوکيو جي معطلي خلاف ساٽا ٺٽو جي گڏجاڻي

مولوي غلام مصطفیٰ جوکيو ، مولوي جان محمد شورو ، مولوي ڪريم ڏنو جت ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ٺٽو ( شفيق ڀٽي)ميرپور ساڪرو جي هيڊ مسٽريس ميڊم گلناز جوکيو جي معطلي خلاف ساٽا ٺٽو جي عهديدارن جي گڏجاڻي. تفصيل موجب سنڌ اورينٽل ٽيچرز ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جي عهديدارن مولوي غلام مصطفیٰ جوکيو ، مولوي جان محمد شورو ، مولوي ڪريم ڏنو جت ، مولوي حافظ غلام رسول مالھيو مولوي امير بخش سومرو ۽ ٻين سمورن ذميوارن گڏيل ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ متفقه طور تي گڏيل فيصلي ۾ چيو ويو ته گرلز هاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي انچارج گلناز جوکيو کي اڻپوري انڪوائري تحت سسپينڊ ڪيو ویو آهي جيڪو سراسر قانوناً ۽ اخلاقاً نا انصافي تي مبني آهي ساٽا ٺٽو ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ ساٽا ٺٽو گورنمينٽ آف سنڌ ۽ وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ميڊم گلناز جوکيو صاحبه جي سسپينشن واري آرڊر کي ڪينسل ڪري کيس ساڳي اسڪول ۾ ساڳي سيٽ تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ساٽا ٺٽو پنھنجي مرڪزي قيادت ساٽا سنڌ سان ملي ضرور ڪو لائحه عمل جوڙيندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ