جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ۾ جھيڙي دوران قتل ٿيل گلزار مڱڻيجو جي وارثن پاران ٿاڻي آڏو لاش رکي ٻيھر ڌرڻو

سنڌي خبرون 21st Oct 2026 18 مناظر
ھڱورجا ۾ جھيڙي دوران قتل ٿيل گلزار مڱڻيجو جي وارثن پاران ٿاڻي آڏو لاش رکي ٻيھر ڌرڻو
ھنڱورجا ڀرسان چار ڏينھن اڳ شيخ ۽ منڱڻيجا برادري جي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان ٿيل جھيڙي ۾ فوت ٿيل گلزار منڱڻيجو جو لاش ٻئي ڏھاڙي ھنڱورجا ٿاڻي آڏو چار ڪلاڪن. تائين ڌرڻو .پوليس ۽ منڱڻيجا برادري جي چڱي مڙس جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو تفصيل موجب موجب ھنڱورجا ڀرسان چار ڏينھن اڳ منڱڻيجا برادري ۽ شيخ برادري ۾ زمين جي معاملي تان ٿيلن جھيڙي ۾ زخمي ٿيل نوجوان گلزار منڱڻيجو سکر اسپتال ۾ فوت ٿيڻ کان پوء وارثن پاران گزريل رات قومي شاھراھ ڌرڻو ھڻڻ کان پوء ٻئي ڏھاڙي تي ھنڱورجا ٿاڻي آڏو لاش رکي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي وڪيل منڱڻيجو. قابل منڱڻيجو ۽ چيو آھي ت گلزار منڱڻيجو جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي چار ڪلاڪن جي احتجاج کان پوء منڱڻيجا برادري جي چڱي مڙس عرفان علي منڱڻيجو ڊي ايس پي گمبٽ صبير ميمڻ سميت ايس ايڇ او راڻيپور امير چانگ ايس ايڇ او ھنڱورجا امداد شيخ مظاھرين سان ڳالھيون ڪري کين کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنھن بعد مظاھرين احتجاج ختم ڪندي لاش ڳوٺ کڻائي نماز جنازه بعد اباڻي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو آھي مقتول گلزار منڱڻيجو جي وارثن ميڊيا جي ٻڌايو ت جيڪڏنھن جوابدارن کي گرفتار ن ڪيو ويو ت ٻيھر قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ