سنڌ جي قومي عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي کي وڇڙئي 19 ورھيھ وھامي ويا
سرويچ نگر ۾ ثقافت کاتي جي سھڪار سان، سرويچ سجاولي اڪيڊمي پاران اڄ ورسي ملهائي ويندي
سجاول(رپورٽر) سنڌ کي جنت الفردوس جي ڀيٽا ڏيندڙ سنڌ جي قومي عوامي ۽ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي وڇوڙي کي اڄ 19 ورھين گذري ويا، سندس اوڻيھين ورسي تقريب سجاول ڀرسان سرويچ نگر ۾ ثقافت کاتي سنڌ جي سھڪار سان، سرويچ سجاولي اڪيڊمي سنڌ پاران ملهائي ويندي. ھر سال 22 آڪٽوبر تي سجاول ۾ سرويچ سجاولي جي ورسي تقريب جي نسبت سان سنڌ جو وڏو ادبي ميڙاڪو منعقد ٿيندو آھي، ورسي تقريب جي سلسلي ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي سماجي شخصيتن کي دعوتون ڏنيون ويون آھن. جيڪي سرويچ سجاولي جي ورسي ۾ سرويچ سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪندا. جڏھن تہ ادبي ويھڪ سان گڏوگڏ سنڌ جا ناليوارا فنڪار فقير خالد حسين ڀٽي، شازيہ ماروي، خوشبو لغاري، شازيہ ترنم، سڄڻ سرائي ۽ ٻيا فنڪار سرويچ جي شاعري جا سُر وکيري سرويچ سجاولي کي ڀيٽا پيش ڪندا. ان سلسلي ۾ سرويچ نگر سجاول ۾ چاليھ فٽ ڊگھو اسٽيج تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ھزارين ماڻھن جي ويھڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. سرويچ سجاولي جي شاعري اڄ بہ زنده و جاويد بڻيل آھي. سنڌ ۾ سياسي ھلچل ۽ سجاڳي ۾ سرويچ جي انقلابي شاعري جو ڪردار اڄ بہ جاري و ساري آھي. سندس انقلابي گيت ھر جدوجھد جو اھڃاڻ بڻيل آھن. سندس شعر سياسي جلسن ۽ ايوانن ۾ اڄ بہ گجندا رھن ٿا. سرويچ جي شاعري کي برصغير جي پنج وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو، نواز شريف، اندرا گانڌي ۽ راجو گانڌي مڃتا ڏني ۽ سندس شاعري کي پسند ڪندا ھئا. سرويچ سجاولي جو نالو گينز ورلڊ بڪ ۾ پڻ عوامي انقلابي شاعر طور داخل ٿيل آھي. سرويچ سجاولي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجھو دوست رھيو سندس جلسن ۾ شاعري پڙھندو ھو. سرويچ سجاولي شھيد بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو، شھيد فاضل راھو، سائين جي ايم سيد جي عوامي جلسن ۾ لکين ماڻھن جي ميڙ ۾ شاعري پڙھي وڏو نالو ڪمايو. انقلابي شعر پڙھڻ سبب کيس ڪيترا ئي ڀيرا گرفتار پڻ ڪيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ۽ ون يونٽ وارين تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪردار ادا ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪن 83 ۽ 86 دوران بہ کيس گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. سرويچ سجاولي جو پھريون شاعري جو مجموعو آليون اکيون اڻڀا وار 1971 ۾ ڇپيو، جيڪو تمام گھڻو مقبول ٿيو. ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ کيس مقبوليت ملي. سنڌي ٻولي جو بھترين ڪتاب قرار ڏئي پاڪستان رائيٽر گلڊ پاران کيس ان وقت پنجاھ ھزار سان نوازيو ويو. ڪتاب جو مهاڳ برک ڏاھي رسول بخش پليجو لکيو. ان ھن ڪتاب کي دستاويز سنڌ قرار ڏنو ۽ کيس لاڙ جو لال جو خطاب ڏنو. مولانا عزيزالله ٻوهيو کيس قوي شاعر، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس عوامي شاعر، سائين جي ايم سيد کيس قومي شاعر جو خطاب ڏنو. سندس شاعري ڪراچي يونيورسٽي جي ايم اي سنڌي نصاب توڙي انٽر جي نصاب ۾ پڻ شامل آھي. ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي، آل انڊيا ريڊيو تان سندس شاعري نشر ٿيندي ھئي. ملڪ جي مشھور فنڪارن سندس شاعري ڳائي آھي. سندس ڪتاب آليون اکيون اڻڀا وار جا پنج ايڊيشن اچي چڪا آھن. جڏھن تہ سندس ٻيو ڪتاب جيڪو سندس وفات کان پو ڇپيو ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون جا ٻہ ايڍيشن اچي چڪا آھن. جڏھن تہ سندس ٻن ڪتابن سا دل مستو مست مدام ۽ انقلاب آيو کپي جو مواد موجود آھي. جيڪو سيڙي رکيو ويو آھي پر اڃا تائين ڇپجي نہ سگھيا آھن. پاڻ ٻاويھ آڪٽوبر 2007 ۾ ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس وفات جي خبر ملڪي توڙي پرڏيھي ميڊيا بريڪينگ طور تي ھلائي سندس وفات تي ٺٽي ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ھو.