منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير: گلشن حديد ۾ نوجوان جي چالاڪي کيس ڦرجڻ کان بچائي ورتو

سنڌي خبرون 02nd Jul 2025 124 مناظر
ملير: گلشن حديد ۾ نوجوان جي چالاڪي کيس ڦرجڻ کان بچائي ورتو
ملير(رپورٽر)گلشن حديد ۾ بينڪ مان رقم ڪڍائي گهر ويندڙ شهري کان ڦر جي ڪوشش، هٿياربندن ڪار سوار شهري کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هن تيزي سان ڪار ڀڄائي مال ۽ جان بچائي تفصيل موجب گلشن حديد ۾ هٿياربندن هٿان شهري کان ڦر جي ڪوشش اُن وقت ناڪام ٿي وئي جڏهن هڪ نوجوان بينڪ مان پئسا ڪڍرائي گھر روانو ته هٿياربند ڦورو سندس پويان لڳا، متاثر نوجوان فرقان ٻڌايو ته جڏهن هو گاڏي ۾ گهر پهتو ته ٻنهي ڦوروئن گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن حاضر دماغي سان گاڏي تيز رفتاري سان ڀڄائي پاڻ بچائي ورتو ڦر ۾ ناڪامي بعد ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي علائقي ۾ اهي ٻئي ڏوهاري هيستائين ڪيترن ماڻهن کي ڦريندي ڏٺا آيا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ