اتوار، 15 نومبر 2026
بریکنگ

دوڙ ڀرسان زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ حملي جو الزام

سنڌي خبرون 15th Nov 2026 3 مناظر
دوڙ ڀرسان زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ حملي جو الزام
ڊوڙ (رپورٽ نياز عباسي) دوڙ ڀرسان زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ حملي جو الزام، متاثر ڌر جو اعليٰ اختيارين کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو تفصيل موجب دوڙ: ڳوٺ غلام قادر ڪلهوڙو جي رهواسين معززين محمد امين ڪلهوڙو ۽ ڌڻي بخش ڪلهوڙو ولد غلام قادر ڪلهوڙو دوڙ پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته ديه 94 ۾ سندن کاتي تي 23 ايڪڙ زرعي زمين آهي، جنهن مان 4 ايڪڙ غيرآباد پيل زمين آباد ڪرڻ لاءِ پهتا ته ڀرسان رهندڙ بروهي برادري جي ماڻهن خدابخش، امام بخش، نياز حسين، انور ۽ سجاد بروهي عورتن سميت مٿن حملو ڪيو ۽ زمين کي پنهنجي قبضي واري سرڪاري زمين قرار ڏنو. هنن ٻڌايو ته ان واقعي وقت علائقي جا معزز شخصيتون رئيس رجب علي وڳڻ، وڏيرو حاڪم علي ڪلهوڙو، وڏيرو رياض ڪلهوڙو چوڌري ارشاد راجپوت، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هنن چيو ته ان کانپوءِ بروهي برادري جو امين علي محمد بروهي کين زمين جا ڪاغذ ڏيکارڻ لاءِ چيو، جنهن تي اسان ملڪيت جا دستاويز ڏيکاريا ته معاملو معززين وٽ فيصلي لاءِ رکڻ جو چيو ويو. متاثر ڌر وڌيڪ الزام هنيو ته واپس اچڻ بعد مخالف ڌر اسان جي خلاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙا بيان ڏئي اسان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهن جنهن سبب سندن ساک متاثر ٿي رهي آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ