نون صوبن لاءِ ريفرينڊم جون ڳالهيون تباهي کان سواءِ ڪجھ به ناهن: نواز خان زئور
پنجاب جي حڪمران قوتن جون غلط پاليسيون ۽ قوم دشمن فيصلا تباهي آڻيندا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي تہ نون صوبن لاءِ ريفرينڊم جون ڳالهيون تباهي کان سواءِ ڪجھ به ناهن. پنجاب جي حڪمران قوتن جون غلط پاليسيون ۽ قوم دشمن فيصلا تباهي آڻيندا. تاريخي قومن جي جاگرافيائي سالميت سان ڪابہ هٿ چراند نٿي ڪري سگهجي. حڪمران تاريخ مان سبق نہ سکندا، ته تاريخي شڪست سندن مقدر ٿيڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار نواز خان زئور ڪراچي جي دنبا ڳوٺ ۾ 22 نومبر جي سلسلي ۾ دعوتون ڏيڻ دوران ڪارڪنن جي ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي قومي پارٽي پاران شايع ڪرايل هئنڊ بل پڻ ورهايو ويو. نواز خان زئور وڌيڪ چيو تہ 22 نومبر تي سنڌي عوام پنهنجي وطن جي جاگرافيائي وحدت ۽ قومي سالميت لاءِ سنڌ وحدت مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري. وطن ۽ قومي وجود نظرين ۽ پارٽين کان بالاتر ٿيندا آهن. وقت اچي ويو آهي ته هاڻي سنڌي قوم قومي بنيادن تي متحد ٿي پنهنجي وطن جي مالڪي ڪري. جيڪي قومون پنهنجي وطن جي مالڪي ڪنديون آهن، اهي ڪامياب ٿينديون آهن. ان موقعي تي وزير آس، امير انصاري ۽ وسيم جاکرو پڻ خطاب ڪيو.