پیر، 09 نومبر 2026
بریکنگ

نوشهرو فيروز ۾ ڏياري جو ڏڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو

سنڌي خبرون 09th Nov 2026 2 مناظر
نوشهرو فيروز ۾ ڏياري جو ڏڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو
نوشهرو فيروز(ڊ ر)نوشهرو فيروز ۾ ديوالي، ڏياري جو ڏڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. درٻار صاحب بابا جمناداس اُداسين جي گادي نشين سائين رام داس، هندو برادري سميت پوري انسانيت کي ان خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته روشنين جو اهو ڏڻ اسان لاءِ وڏو عزت ۽ احترام وارو ڏڻ آهي، هيءُ ڏڻ اونداهيءَ تي روشنيءَ، برائيءَ تي سچائيءَ ۽ جهالت تي علم جي فتح جي علامت طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته ديوي لڪشمي ۽ گڻيش جي ديواليءَ جي ڏينهن تي ڌن، سٿرتا ۽ خوشحاليءَ جي ديوي لڪشمي ۽ سفيڪ ۽ رڪاوٽون دور ڪندڙ ديوتا گڻيش جي پوجا ڪئي ويندي آهي ته جيئن نئين سال ۾ گھر ۾ برڪت ۽ سک، شانتي رهي. هن چيو ته دوالي تي گهرن جي صفائي ۽ سجاوٽ ۽ نوان رنگ روغن ڪرائيندا آهيون. ڏيئا ۽ چراغاني، ميڻ بتين ۽ برقي قمقمن سان گھرن کي روشن ڪيو ويندو آهي. مٺايون ۽ تحفا، مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين کي ڏيئي مبارڪبادون ورهايون وينديون آهن. پٽاڪا ٻار ۽ وڏا خوشيءَ ۾ آتشفشاني ڪندا آهن. ديوالي بنيادي طور دلين مان اونداهي ۽ نفرت ختم ڪري پيار، امن ۽ روشني پکيڙڻ جو پيغام آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ