اتوار، 25 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايس ايس پي جي پٽ ھٿان قتل ٿيل سيشن جج جي پٽ جو قتل اڌ برگر کائڻ تان ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌي خبرون 24th Apr 2024 153 مناظر

ايس ايس پي جي پٽ ھٿان قتل ٿيل سيشن جج جي پٽ جو قتل اڌ برگر کائڻ تان ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڊفينس فيز 5 ۾ ايس ايس پي جي پٽ هٿان سيشن جج جي پٽ علي ڪيريو جي قتل وارو معاملو, ايس ايس پي جي پٽ دانيال سيشن جج جي پٽ علي ڪيريو کي اڌ برگر کائڻ تان قتل ڪيو، پوليس جاچ ۾ انڪشاف, رپورٽ موجب 8 فيبروري تي جوابدار دانيال پنهنجيءَ دوست کي گھر گھرايو، گھر ۾ دانيال جو دوست علي ڪيريو ۽ ڀاءَ احمر به موجود هئا، دانيال پنهنجيءَ دوست سان گڏ الڳ روم ۾ ويو ۽ 2 برگر آرڊر ڪيا، آرڊر آيو ته سيشن جج جي پٽ علي ڪيريو اڌ برگر کاڌو، جنهن تي جوابدار دانيال ڪاوڙجي پيو جوابدار دانيال گارڊ کان رائفل وٺي آيو، سندس ڀاءَ مداخلت ڪئي پر ان باوجود دانيال جي ڪاوڙ نه لٿي جوابدار دانيال دوست علي ڪيريو کي گولي هڻي ڇڏي، علي ڪيريو اسپتال نيئڻ دوران دم ڏنو، واقعو 8 فيبروري تي پيش آيو هو، جوابدار دانيال جيل ۾ آهي، ڪيس ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ