جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڳاڙهو ويجهو ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب معصوم ٻارڙو فوت، وارثن پاران ڊاڪٽر جي گرفتاري جو مطالبو

سنڌي خبرون 05th Nov 2025 304 مناظر
ڳاڙهو ويجهو ڊاڪٽر جي مبينا غفلت سبب معصوم ٻارڙو فوت، وارثن پاران ڊاڪٽر جي گرفتاري جو مطالبو

انجيڪشن کان اڳ ٻار کي فرسٽ ايڊ ڏني هئي جنهن ڪري سندس بخار گهٽجي ويو هو: ڊاڪٽر

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڳاڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌانڌاري ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ تي موجود ڊاڪٽر پاران غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب نينگر فوت، 4 سالا معصوم نينگر کي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ڳاڙهو ٿاڻي تي اين سي داخل پوليس پاران لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي، ڳوٺ هارون گجڙيو جو رهواسي 4 سالا معصوم نينگر دلشاد ولد عبدالڪريم گجڙيو کي بخار ٿي پيو جنھن کي ڳوٺ ڌانڌاري ۾ خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر الله بخش جت پاران تيز بخار ۾ انجيڪشن لڳائڻ سبب فوت ٿي ويو، ٻئي طرف ڊاڪٽرن الله بخش جت جو چوڻ آھي تہ ٻار کي انجيڪشن لڳائڻ کان پهرين فسٽ ايڊ ڏني بخار گھٽ ٿيڻ بعد انجيڪشن لڳائي آھي جڏھن ته وارثن جو موقف آھي ته ھن جي غلط علاج سبب ننڍڙو فوت ٿيو آھي وارثن جو چوڻ آھي ته ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ