جمعرات، 01 اکتوبر 2026
بریکنگ

غلام الله ويجهو ٻروسر ڪالوني وٽ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتلخ

سنڌي خبرون 21st Oct 2025 311 مناظر
غلام الله ويجهو ٻروسر ڪالوني وٽ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتلخ

زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو جتي غلام حسين لکٽيو دم ڏئي ڇڏيو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)غلام الله لڳ ٻروسر ڪالوني ويجھو ڳوٺ سليمان لکٽيو ۾ لکٽيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي جي ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ ڪري 2 ڄڻا غلام حسين لکٽيو ۽ گل حسن لکٽيو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي ٿيل ھڪ ڄڻو غلام حسين لکٽيو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي، فوتي جو اطلاع گھر ڳوٺ پھچڻ تي ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ڪري پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ پھچي ويئي آهي، جھيڙي جو ڪارڻ سارين جي ڀٽائي تان ٿيل منھن ماري ٻڌايو پيو وڃي، جھيڙي دوران ڪھاڙين جي استعمال سبب غلام حسين لکٽيو ۽ گل حسن لکٽيو سخت زخمي ٿي پيا ھئا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي نيو جتي زخمن جا تاب نه سھندي ھڪ ڄڻو غلام حسين لکٽيو فوت ٿي ويو آھي ۽ ھڪ ڄڻي گل حسن لکٽيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال نيو ويو آھي، جڏھن ته ڳوٺ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، ٻئي پاسي قتل ٿيل غلام حسين لکٽيو جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ