جمعہ، 02 اکتوبر 2026
بریکنگ

پوليو وائرس ھڪ موذي مرض آھي، والدين ٻارڙڻ کي ڦڙا لازمي پيئارين: ضياء الحسن لنجار

سنڌي خبرون 04th Feb 2025 328 مناظر
پوليو وائرس ھڪ موذي مرض آھي، والدين ٻارڙڻ کي ڦڙا لازمي پيئارين: ضياء الحسن لنجار

نوشهروفيروز ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پاران پوليو ڪيمپ جو افتتاح

نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ جي وزير داخلہ ضياء الحسن لنجار پاران قومي شاھراھ تي صحت کاتي طرفان پوليو مھم جي سلسلي ۾ لڳايل ڪئمپ جو افتتاح ڪيو جتي گھرو وزير ضياء الحسن لنجار معصوم ٻارڙن کي پوليو جا قطرا پيئاريا۔ ان موقعي تي سنڌ جي گھرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو تہ پوليو وائرس ھڪ موذي مرض آھي، جنھن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ والدين کي گھرجي ته ھو پنھنجن ٻارڙن کي ھر مھم دوران پوليو وائرس کان بچائڻ واري ويڪسين جا 2 ڦڙا ضرور پيارين ته جيئن سندن ٻارڙا صحتمند زندگي گذاري سگھن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز محمد ارسلان سليم بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلعي اندر 3 لک 42 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پوليو ورڪر پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ