منگل، 29 ستمبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ فصل جي ڀيل تان سولنگي برادري ۾ جهيڙو، نوجوان قتل، 8 زخمي

سنڌي خبرون 31st Oct 2025 332 مناظر
نوشهروفيروز ۾ فصل جي ڀيل تان سولنگي برادري ۾ جهيڙو، نوجوان قتل، 8 زخمي

جهيڙي دوران 30 ورهين جو مظهر علي سولنگي مارجي ويو، 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

نوشهروفيروز (ڊ ر) بينظير ڪالوني ڀرسان فصل جي ڀيل تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سخت جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ، لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو. نتيجي ۾ 30 ورهين جو نوجوان مظهر علي سولنگي مارجي ويو، جڏهن ته 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او نوشهروفيروز پوليس ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتا ۽ ٻنهي ڌرين کي وڌيڪ خونريزي کان روڪي ورتو. شهر ۾ جهيڙي جي خبر پکڙجڻ شرط خوف ۽ هراس جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته سوين ماڻهو جهيڙي واري هنڌ پهچي ويا. پوليس ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيا. زخمين ۾ ظهير حسين، جميل علي، غلام عباس، برڪت علي، عجب، گلڻ محبت، حسين سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن.قتل ٿيل ۽ زخمين کي طبي امداد ۽ ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪرڻ بعد ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪيس اڃا تائين داخل نه ٿي سگهيو آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ