جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ هٿياربند پورهيت کي گولي هڻي ڦر ڪري فرار ٿي ويا

سنڌي خبرون 09th Jul 2025 121 مناظر
شڪارپور ۾ هٿياربند پورهيت کي گولي هڻي ڦر ڪري فرار ٿي ويا
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ بدامني ۽ قبيلائي تڪرارن جو خاتمو اچي نه سگھيو ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ضلعي ۾ امن ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل گذريل ڏينھن ايم پي اي ھائوس ۽ ايس ايس پي ھائوس لڳ ڦوري بيخوف بڻجي شھرين کان موٽر سائيڪل ڦري ويا ٻئي وارڌات ۾ نوجوان کي ڄنگھ ۾ گولي ھڻي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي زخمي نوجوان سول اسپتال شڪارپور داخل ٻئي طرف شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرار تان ھڪ قتل ھڪ زخمي شڪارپور جي چڪ ٿاڻي جي حد ۾ ھلندڙ شر بڊاڻي تڪرار تان شڪارپور جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيندڙ غوث بخش عرف غوثل شر جيل ٻاهران هٿياربندن هٿان موقعي تي قتل ٿي ويو ٻئي ڌر جو غلام محمد بڊاڻي جتوئي سخت زخمي ٿي پيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ