جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ آچر سولنگي واسي عورت جو ٻارڙن سميت احتجاج

سنڌي خبرون 25th Feb 2024 134 مناظر

نوشھروفيروز ۾ ڳوٺ آچر سولنگي واسي عورت جو ٻارڙن سميت احتجاج

نوشهرو فيروز (ڊر) ڳوٺ آچر سولنگي جي رھواسڻ 5 ٻارڙن جي ماء ٻارڙن سميت مڙس جي ظلم خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مسمات خالده سولنگي دانھيندي ٻڌايو ته مڙس شفيع محمد سولنگي بنا سبب جي مون کي ڇڏي ڏنو آھي. ھڪ مھيني کان ٻارڙن جو خرچ به بند ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري ٻارڙن سميت در بدر آھيان ٻارڙا بک تي پاھ تي رھيا آھن ۽ ٻارڙن کي کارائڻ لاءِ ڪجھ به ناھي. ھن چيو ته مڙس سخت تشدد به ڪندو ھو ۽ ڏير موتمار ڌمڪيون ڏي رھيا آھن. بک کان بيزار ٿي ٻارڙا جڏھن ڏيرن ۽ پڦي ڏانھن وڃن ٿا ته انھن کي مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي. منھنجي ٻڌڻ وارو ڪوبه ناھي. ھن چيو ته مڙس کان ٻارڙن جو خرچ ڏياريو وڃي ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ