بدھ، 30 ستمبر 2026
بریکنگ

ملير ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جي ٽيجهي تي ميڙاڪو

سنڌي خبرون 22nd May 2025 240 مناظر
ملير ۾ سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جي ٽيجهي تي ميڙاڪو
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جي ٽيجهي جي موقعي تي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي مزدور تحريڪ طرفان پپري ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن پپري جي رهواسين، پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي زبير نوناري جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي عوامي تحريڪ ملير جي صدر ايڊوڪيٽ پره سومرو چيو ته زبير هڪ اڻ ورچ مسلسل جدوجهد ڪندڙ مزدور اڳواڻ هو جنهن ڪڏهن سياسي ڪم نه ڪيپايو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهندو هو هن چيو ته سندس وڇوڙو پورهيت تنظيم ۽ پورهيتن لاءِ تمام وڏو نقصان آهي اسان کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ان موقعي تي تعزيتي ميڙاڪي کي لال پهنور، خالد تنيو، مير نوروز ۽ ٻين خطاب ڪيو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ