English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سڪڻ پوليس جي ڪارروائي ڀتي خوري ۽ ڦر ۾ ملوث خطرناڪ گينگ جو مک جوابدار گرفتار
84 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سڪڻ پوليس خفيه اطلاع تي اهم ڪارروائي ڪندي ڀتي خوري، ڊڪيتي ۽ اسٽرٽ ڪرائم ۾ ملوث خطرناڪ گينگ کي وائکو ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب مختلف هنڌن تي لڳايل خاص پڪٽس دوران گينگ جي ماڻهن روڪڻ تي فائرنگ ڪندي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ گينگ جو اهم ڪارندو سجاد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي شاهه مراد ۽ انور بلا بنا مزاحمت گرفتار ٿي ويا۔پوليس مطابق گرفتار سجاد ڀتي خوري، تاجرن ۽ بلڊرز کي پرچيون ڏئي رقم وصول ڪرڻ، ڊڪيتين ۽ سنگين وارداتن ۾ گهڻو وقت کان مطلوب هو۔ ملزمان ڀينس ڪالوني جي بيپارين ۽ کير جي هول سيل ڊيلرن کان به ڀتي وٺڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۾ ملوث رهيا آهن۔پوليس ڪارروائي دوران ملزمان جي قبضي مان 3 پسٽل، گوليون، موبائل فون، نقد رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي، جن کي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جي ٻين ڪارندن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن، جڏهن ته گرفتار ٿيل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ڀٽائي آباد ۾ شبِ برات جي مناسبت سان جلسو منعقد
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل مل مان لوھ، ٽامي ۽ اسڪريپ چوري ڪندڙ 9 جوابدار گرفتار
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڪ بين الصوبائي گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي: ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: سڪڻ پوليس جي ڪارروائي
0 تبصرے