نوشهروفيروز ۾ سنڌ عورت تحريڪ طرفان شھيد مائي بختاور لاشاري جي ورسي ملهائي وئي

نوشهروفيروز ۾ سنڌ عورت تحريڪ طرفان شھيد مائي بختاور لاشاري جي ورسي ملهائي وئي

نوشھرو فيروز(ڊ ر) سنڌ عورت تحريڪ طرفان شھيد مائي بختاور لاشاريء جي 78ين ورسي نوشھروفيروز پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي۔ سنڌ عورت تحريڪ جي مرڪزي ڪنوينر ڊاڪٽر سلما جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته اسان جبري مذھب تبديليء جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ رنڪل ڪماريء کان وٺي شھداد پور ۾ چئن ٻارن جي جبري مذھب تبديليء سان گڏ مختلف هندن تان مسلسل اهڙي قسم جون خبرون اچڻ هڪ ئي ڪڙيء جو تسلسل آھن جنهن جو رستو ميان مٺو ۽ هن رياست ڏانهن وڃي ٿو جيڪا مذھب جي آڙ ۾ منافرت جي سياست ڪري ٿي۔ اسان سنڌ جون عورتون ان کي رد ڪنديمطالبو ڪيون ٿيون ته مذھب کي رياست کان ڌار ڪري سموري عوام سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي۔ ڊاڪٽر صاحبه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مائي بختاور جي شھادت اسان سنڌي عورتن لا۽ اتساه آھي۔ اسان هن جي رستي تي هلندي نه رڳو پنهنجي پر ڌرتيء جي حقن ۽ آجپي واري جدوجهد ۾ ڪاميابي ماڻي سگهون ٿا تنهن ڪري سنڌ جي عورتن کي وڌ کان وڌ قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي۔ سنڌ عورت تحريڪ مورو جي صدر بصران خاصخيليء عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اچو اسان سان شامل ٿي اسانجا هٿ مضبوط ڪيو ته جيئن اسان سنڌي عورتون نه رڳو پنهنجا بلڪه قومي حق به گڏجي حاصل ڪيون۔ سنڌ عورت تحريڪ مورو جي ساٿياڻيء ريحانه اڪبر کوسو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ عورتن کي انيڪ مسئلن سان گڏوگڏ گيس جي مسئلي سان به منهن ڏيڻو ٿو پوي جيڪو عورت جي زندگيء کي براه راست متاثر ٿي ڪري۔ اسان سنڌ جون خاص ڪري موري جون عورتون هن جديد دور ۾ به ڇيڻا، ڪاٺيون ۽ گيس سلينڊر ٻارڻ تي مجبور آھيون اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته سموري سنڌ ۾ گهريلو گيس جي مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي۔ ڪامريڊ زينب پيرزادو چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي جيڪو ظلم ٿي رهيو آھي ان جو ذميوار رڳو مرد نه بلڪه پدرشاهي نظام آھي جنهن ۾ جيترو عورت پيڙھجي ٿي ان کان وڌيڪ يا ان جيترو مرد به پيڙھجي ٿو۔ سنڌي عورتن کي قومي تحريڪ ۾ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي لا۽ اڳواڻيء جا رستا ڳولي سنڌ ۾ عوت ليڊر شپ جي فقدان کي ختم ڪرڻ لا۽ وک اڳتي وڌائڻ گهرجي۔ پروگرام کي عورت تحريڪ مورو جي ساٿياڻين امبر اڪبر کوسو، ماهنور کوسو، آمنه ۽ ٻين خطاب ڪيو۔ جڏهن ته ليلا ٻيڄل، سسئي انيس احمد خاصخيلي، ماهجبين انيس خاصخيلي ۽ جارج حباش اڪبر کوسي شاعري ۽ گيت ٻڌائي ماحول کي گرمائي ڇڏيو۔ پروگرام جي آخر ۾ قراردادون پيش ڪيون ويون جنهن کي سوري ايوان هٿ مٿي ڪري پاس ڪيو۔ هي پرگورام آخر ۾ شھدادپور ۾ جبري مذھب تبديليء خلاف هڪ مظآاهري ۾ تبديل ٿيو۔ مظاهري ۾ شريڪ عورتن طرفان جبري مذھب تبديليء خلف سخت نعري بازي ڪئي وئي