صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد کي سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ سنڌ سيد ناصر حسين شاهه سان چين جي سيڙپڪارن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي۔ چيني وفد چيو ته هو ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ ۽ شهري سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف ڊويلپمينٽ منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جا خواهشمند آهن۔ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وفد جو ڀليڪار ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايتن هيٺ صوبو تيزيءَ سان ترقيءَ جي عمل مان گذري رهيو آهي۔ هن چيو ته ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن۔ ملاقات دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ وزير بلديات چيني وفد کي ڪراچي کان روهڙي تائين ٽرين سروس جي منصوبي ۾ شراڪت ۽ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي۔ سيد ناصر شاهه چيو ته سنڌ سيڙپڪاري لاءِ زرخيز علائقو آهي، جتي توانائي، ٽرانسپورٽ، هائوسنگ، واٽر مينيجمينٽ ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ بيشمار موقعا موجود آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبو ۽ عوام جي ترقيءَ لاءِ ايندڙ هر سيڙپڪار کي ڀليڪار ڪري ٿي ۽ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي۔ چيني وفد جي اڳواڻي محترمه Hao Juejio ڪئي۔ ملاقات ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، علي مانڊوي والا، اظهر الهي، محمد دانش ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا۔ وزير بلديات وفد کي مختلف سيڪٽرن ۾ منافعي بخش سيڙپڪاري جي موقعن بابت آگاهي ڏني ۽ سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي تحت مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي۔
0 تبصرے