English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
9 views
|
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو. ذوالفقار راھي کي گذريل ڏينھن اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ ڪري مڪلي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھو لاڏاڻو ڪري ويو. ويجھن ذريعن موجب ذوالفقار راھي ڪجھ عرصي کان هيپاٽائيٽس سي بيماري ۾ مبتلا ھو، گذريل ڏينھن اوچتو سندس پيرن تي سوڄ ٿي پئي، جنھن تي کيس مڪلي اسپتال منتقل ڪيو ويو تہ اتي جگر جي ڦاٽڻ سبب ھو لاڏاڻو ڪري ويو. ذوالفقار راھي نالي واري فنڪار مرحوم رمضان راھي جو فرزند ھو جنھن پنھنجي منفرد گائڪيءَ سبب سموريءَ سنڌ ۾ مشھوري ماڻي. سندس ڳايل ڪلامن جون سوين ڪيسٽون پڻ ريليز ٿيون جن وڏي مقبوليت ماڻي. مرحوم جو جنازو سجاول مان سندس اباڻي گھر مان کنيو ويو ۽ سجاول ۾ ئي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي مڪلي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي ۾ سجاول جي شاعرن، اديبن، فنڪارن، صحافين، استادن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي سجاول ۾ آرٽ سان لاڳاپيل ڌرين ۾ ذوالفقار راھي جي وفات تي غم جي لھر ڇانيل ھئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي
0 تبصرے