سنڌ خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو: ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي

ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي پاران محمد خان ملاح، محمد الياس ملاح ۽ محمد صديق ملاح ۽ ٻين سان تعزيت

سنڌ خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو: ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي چيئرمين ۽ اڳوڻي ڊي آءِ جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، عبدالڪريم الهبخش ميراڻي، غلام علي منگسي، سيد اسدالله شاهه، محمد صديق مور ڍوليو، احسان علي خان ۽ ٻين آمري اسٽاپ ميربحر محلي پهچي سنڌ ملاح فورم ٺٽي جي اڳواڻن محمد خان ملاح، محمد الياس ملاح ۽ محمد صديق ملاح سان سندن والد جي وفات تي تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا گهري. ان موقعي تي محمد عرس گندرو، محمد حسن ملاح، مشتاق احمد ملاح، محمد ايوب ملاح، ظفر ملاح، حاجي سومار گندرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي چيو ته سنڌ خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پوليس جي دعوائن باوجود منشيات جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن الزام هنيو ته ٺٽي ۾ پوليس گردي وڌي وئي آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته ڳوٺ عارب سولنگي جا رهواسي به پوليس جي مبينا زيادتين جو شڪار بڻيا آهن، پر سنڌ ملاح فورم متاثرن سان گڏ بيٺل آهي. هن ملاح برادري تي زور ڏنو ته اتحاد قائم ڪري پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارين.ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي، منشيات ۽ پوليس گردي جو خاتمو ڪيو وڃي، ملاحن، ماهيگيرن ۽ ٻين رهواسين کي بنيادي سهولتون ۽ پڙهيل نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي.