عمرڪوٽ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف نوجوانن پاران ريلي ڪڍي احتجاج

ميرٽ جي لتاڙ ڪندي نوجوانن کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي:اڳوڻو ايم اين اي لال مالھي

عمرڪوٽ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف نوجوانن پاران ريلي ڪڍي احتجاج

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) ۾ مبينه اقرباپروري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڀرتين ۾ بي ضابطگين خلاف پُرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شاگردن، استادن، وڪيلن، اديبن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شھرين سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ميرٽ جي بحالي، شفاف ڀرتين ۽ الزامن جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو، ريلي جي اڳواڻي غلام مرتضيٰ راهمون، عبدالرحمان پلي، عمران شاهاڻي، اي ڊي هنڱورجو، اشوڪ ڪمار مالهي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي، ريلي ٽي تلوار چوڪ تان شروع ٿي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي پريس ڪلب عمرڪوٽ پهتي، جتي احتجاجي جلسو منعقد ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ميرٽ بحال ڪريو، نوجوانن سان ناانصافي بند ڪريو ۽ شفاف ڀرتيون يقيني بڻايو جا نعرا هنيا، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن الزام هنيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مختلف کاتن جون نوڪريون مبينه طور سفارش، سياسي اثر رسوخ ۽ مالي ڏي وٺ جي بنياد تي ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب قابل ۽ محنتي نوجوان پنهنجن حقن کان محروم ٿي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ڀرتين بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ بي ضابطگيون ڪندڙ ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالهي خطاب ڪندي چيو ته روزگار هر نوجوان جو بنيادي حق آهي ۽ ڀرتين جو هر عمل مڪمل طور ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن سفارش ۽ اثر رسوخ کي هٿي ڏني ويندي ته نوجوانن جو سرڪاري ادارن تان اعتماد ختم ٿي ويندو، تنهنڪري شفافيت کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڪامريڊ مهيار بنگلاڻي چيو ته سنڌ جو نوجوان سالن جي محنت ۽ تعليم کانپوءِ روزگار جي اميد رکي ٿو، تنهنڪري ميرٽ سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته نوجوانن جي آواز کي نظرانداز ڪرڻ بدران سندن جائز خدشن جو ازالو ڪيو وڃي، امتياز ڪنڀر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سرڪاري ادارن جي ساک تڏهن ئي برقرار رهندي جڏهن ڀرتين ۾ برابري، شفافيت ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو ويندو، هن مطالبو ڪيو ته ڀرتين بابت لڳندڙ الزامن جي غيرجانبدار جاچ ڪرائي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي، گل بجير چيو ته سنڌ جا تعليم يافته نوجوان روزگار لاءِ ڊگهي عرصي کان انتظار ڪري رهيا آهن، تنهنڪري انهن کي مايوس ڪرڻ بدران سندن قابليت ۽ محنت جو احترام ڪيو وڃي ۽ هر اميدوار کي برابر جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، اڪبر پلي چيو ته نوجوانن جا جائز مطالبا نظرانداز ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب عمل نه آهي، هن حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين تي زور ڀريو ته ڀرتين واري نظام کي مڪمل طور شفاف بڻايو وڃي ته جيئن هر اميدوار کي بنا ڪنهن فرق جي ميرٽ جي بنياد تي پنهنجو حق ملي سگهي، اڳواڻن وڌيڪَ چيو ته سنڌ جو نوجوان گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سالن تائين مختلف سرڪاري نوڪرين لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندو رهي ٿو، ڪيترائي اميدوار گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان اوور ايج جي عمر 28 کان 32 سالن جي عمر تائين مسلسل مقابلي جي امتحانن ۽ ڀرتين جا منتظر رهندا آهن، پر جڏهن ڀرتين بابت بي ضابطگين جا تاثر پيدا ٿين ٿا ته نوجوانن جي اميدن کي سخت ڌڪ رسي ٿو ۽ ڪيترائي اميدوار عمر جي مقرر حد به پار ڪري وڃن ٿا، جيڪڏهن ميرٽ، شفافيت ۽ برابري جا اصول يقيني نه بڻايا ويا ته تعليم يافته نوجوانن جو سرڪاري ادارن تي اعتماد وڌيڪ متاثر ٿيندو، سندن چوڻ هو ته نوجوانن کي سفارش يا ڪنهن به مبينه غيرقانوني طريقي بدران صرف قابليت، محنت ۽ ميرٽ جي بنياد تي روزگار جا موقعا ملڻ گهرجن، احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي مڪمل بحالي، شڪي ڀرتين جي شفاف جاچ ۽ مستقبل ۾ هر ڀرتي واري عمل کي مڪمل طور شفاف بڻايو وڃي ته جيئن نوجوانن سان انصاف ٿي سگهي، سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبن تي سنجيدگي سان غور نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.