ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس

اجلاس ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي تي امن امان بابت غور

ڊي سي عمرڪوٽ نويد لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار هال ۾ حضرت امام حسينؑ ۽ ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي امن امان، سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن بابت ضلعي انتظاميا ۽ شيعا تنظيمن جي اڳواڻن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري، چئن ئي تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنرز رجب علي، سنجي ڪمار، غلام علي طارق، محمد خان، ايس ايس پي عمرڪوٽ جا نمائندا، صحت کاتي جي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، چيف ضلع ڪائونسل آفيسر عمرڪوٽ سيد ساجد علي شاھ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او ھريش چندر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، حيسڪو جي ايڪسي اين علي رضا ڀٽي، ڊي ايس پي عمرڪوٽ اظھر حسين، لوڪل گورنمينٽ جي ٽائون آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن سميت شيعا تنظيمن جي اڳواڻن، امام بارگاهن جي متولين ۽ مجلسن جي منتظمن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران چهلم جي جلوسن ۽ مجلسن جي روٽن، سيڪيورٽي انتظامن، ٽريفڪ پلان، صفائي سٿرائي، روشني، پيئڻ جي پاڻي، طبي سهولتن، ايمبولينس سروس، فائر برگيڊ، ريسڪيو ٽيمن ۽ ٻين ضروري انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي شيعا تنظيمن جي اڳواڻن پنهنجي تجويزن ۽ مسئلن کان ضلعي انتظاميا کي آگاهه ڪيو، جن کي فوري طور حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته چهلم حضرت امام حسينؑ جي موقعي تي امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي کي برقرار رکڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيح آهي، ھن سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ذميوارين کي مڪمل احساس سان نڀائين ۽ جلوسن ۽ مجلسن دوران هر قسم جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائين، هن پوليس، ريسڪيو ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي، حساس هنڌن تي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا وڃن، هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ايمرجنسي طبي ٽيمون، ايمبولينسون ۽ ضروري دوائون هر وقت تيار رکن، جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽين کي صفائي، روشني ۽ نيڪال آب جا انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ مذهبي تنظيمن جي وچ ۾ بهتر رابطي ۽ سهڪار سان چهلم جا سمورا پروگرام پرامن ۽ منظم انداز ۾ منعقد ڪيا ويندا، هن سڀني شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو امن، مذهبي رواداري ۽ قومي يڪجهتي جي فضا کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪن، اجلاس جي پڄاڻي تي شيعا تنظيمن جي اڳواڻن ضلعي انتظاميا پاران ڪيل انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مڪمل سهڪار جي يقين دهاني ڪرائي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ هدايت ڪئي ته چهلم جي موقعي تي مقرر ڪيل سمورن انتظامن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عزادارن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي ۽ سمورا پروگرام پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿي سگهن.