عوامي پريس ڪلب ملير جو اجلاس، سلطان شاهه "ساقي" ورسي ملهائڻ جو اعلان

عوامي پريس ڪلب جو اهم اجلاس صدر سيد سجاد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، شهنشاهه چارڻ، سامي ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ

عوامي پريس ڪلب ملير جو اجلاس، سلطان شاهه

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي سهڪار سان ملير جي نامياري کاهوڙي صحافي، شاعر، اديب ۽ قومي ڪارڪن سيد سلطان شاهه "ساقي" جي يارهين ورسي 7 آگسٽ تي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان حوالي سان عوامي پريس ڪلب ملير جو اهم اجلاس صدر سيد سجاد علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو اجلاس ۾ نائب صدر شهنشاهه چارڻ، سامي ميمڻ، عنايت علي شاهه، رشيد مورجهريو، سليمان شاهه، علي اصغر ميمڻ ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، جتي ورسي تقريب جي تيارين، انتظامن ۽ مهمانن جي دعوت بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه چيو ته سيد سلطان شاهه "ساقي" پنهنجي سموري حياتي صحافت، ادب، قومي شعور ۽ سماجي خدمتن لاءِ وقف ڪئي هو مظلوم عوام جو سگهارو آواز هو جن هميشه سندن دردن کي قلم وسيلي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو سندس صحافتي، ادبي ۽ قومي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن هن وڌيڪ چيو ته ورسي تقريب جو مقصد رڳو مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ نه، پر نوجوان نسل کي سندس جي فڪر، جدوجهد، صحافتي اصولن ۽ ادبي ورثي کان آگاهه ڪرڻ پڻ آهي جيئن هو سماج ۾ سچائي، انصاف ۽ قومي شعور جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن اجلاس ۾ ملير جي سمورين سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي، علمي ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو ورسي تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري سيد سلطان شاهه "ساقي" کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪن.