English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن: اياز لطيف پليجو
views
|
13th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي پويان ٻاهرين قوتن جو هٿ آهي، پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري سوداگر آھن، ھن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا پنهنجي گذريل پندرهن سالن جي اقتداري دور دوران وڪڻي ڇڏيا ھنن سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بدران تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھي بادشاھت چاھين ٿا۔ جنھن ۾ عوام غلام ھجي۔ بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن۔ ھنن لاء قانون جي حڪمراني۔ انصاف۔ برابري۔ انساني حق ۽ ميرٽ فقط تقريرن ۽ ڪتابن ۾ سٺا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ھميشه ناڪام رھي آھي. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي.جمھوريت جي نالي ۾ سوداگرن سنڌ کي ۽ ملڪ کي نقصان ڏنو آھي.اليڪشن ڪميشن ٻڌائي تي شفاف چونڊن لاء ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن. مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪوبہ پروگرام ناھي، بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون پر انھن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ سنڌ ۾ بک، بدحالي بيروزگاري وڌي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف زرداري
ھي بادشاھت
پيپلز پارٽي
ayaz latif
ppp asif zardari
bilawal
0 تبصرے