دادو ۾ ڊپٽي ڪمشنر پاران مڌر اينڊ چائلڊ ھيلٿ سينٽر جو دورو
ڊي سي ھيلٿ سينٽر جي عمارت جي خراب حالت ۽ سھولتن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو
دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو ڊسٽرڪٽ هيلڀ آفيسر دادو ڊاڪٽر عبدالحميد کونهار ۽ ڊي سي پي اي شاهزمان ملڪاڻي سان گڏ مدر اينڊ چائلڊ هيلڀ سينٽر دادو جو دورو ڪيو ۽ ڊيوٽي کان غير حاضر ملازمن خلاف ڪارروائي جو ليٽر لکي ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر دادو 6 آڪٽوبر تي شام 7:30 وڳي مدر اينڊ چائلڊ هيلٿ سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڊي ايڇ او دادو جي دوري دوران ڊيوٽي کان غير حاضر هجڻ تي لاڳاپيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو، موجوده عملي کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ رپورٽ پيش ڪئي. هدايتون جاري ڪيون ويون. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر دادو عمارت جي خراب حالت کي نظر ۾ رکندي مرمت سميت ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون.