گڏاپ جي 3 قديمي ڳوٺن جي قبرستان تي مبينا قبضي جي ڪوشش
ڏيپار گوندر، داد محمد گوندر ۽ نواز علي گوندر جي قبرستان جي زمين بچائڻ لاءِ ڳوٺاڻا ميدان ۾ اچي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي ڏورانهين علائقن ۾ قائم ڏيپار گوندر، داد محمد گوندر ۽ نواز علي گوندر جي ٽن قديمي ڳوٺن جي قبرستان تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان ترت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ڳوٺاڻن مهراب گل، بخت علي، علي گوهر، گوندر خان، نواز گوندر، شاهنواز گوندر، مور گوندر ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گل حسن بگٽي ۽ حبيب الله بگٽي پاران قديمي قبرستان جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ٽنهي ڳوٺن جا ماڻهو ڳڻتيءَ ۾ مبتلا آهن هنن چيو ته ڏيپار گوندر، داد محمد گوندر ۽ نواز علي گوندر جا ڳوٺ ڪيترن ئي سالن کان قائم آهن ۽ انهن جا قبرستان به قديمي آهن. قبرستان جي زمين سرڪاري رڪارڊ ۾ موجود آهي ۽ اها ڪنهن به ماڻهوءَ کي وڪرو نه ڪئي وئي آهي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ماڻهن اڳ ۾ ڪجهه پلاٽ خريد ڪيا هئا پر هاڻي انهن پلاٽن جي آڙ ۾ قبرستان جي زمين تي به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنھن سبب ڳوٺاڻن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ بيچيني پکڙجي وئي آهي تنهنڪري قبضي جي مبينا ڪوششن کي هر صورت ۾ روڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ علائقي ۾ امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو ڳوٺاڻن چيو ته قبرستانن جي زمين تي ناجائز قبضو ڪرڻ خلاف قانون موجود آهن تنهنڪري لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته اهي قانون موجب قدم کڻن ۽ قبرستان جي زمين کي محفوظ بڻائين ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ روينيو کاتي جي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو ترت نوٽيس وٺي قبرستان جي زمين جي سرڪاري رڪارڊ موجب ماپ ڪرائي زمين جي حدبندي ڪئي وڃي ۽ قبضي جي ڪوشش کي روڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته معاملي جي جاچ ڪري سرڪاري رڪارڊ قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي، جيئن قبرستان جي زمين بابت ڪنهن به قسم جو تڪرار پيدا نه ٿئي ڳوٺاڻن خبردار ڪيو ته قبرستان جي زمين تي ڪنهن به قسم جو قبضو يا اڏاوت برداشت نه ڪئي ويندي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽنهي قديمي ڳوٺن جي قبرستان کي بچائي چار ديواري ڏياري محفوظ ڪيو وڃي