نوشهروفيروز: سنڌ آبادگار اتحاد پاران آبادگارن ۽ صحافين تي ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت
آبادگارن ۽ صحافين تان ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ تحريڪ شروع ڪئي ويندي: مير مشتاق ٽالپر
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ آبادگار اتحاد پاران ڦٽي ۽ سارين جا مقرر اگھ نه ملڻ ۽ ھنڱورجا ۾ آبادگارن ۽ صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو آھي. اڳواڻن مير مشتاق ٽالپر، راھب مورو، حاجي مھدي نواز کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته سنڌ ۾ آبادگارن جو معاشي استحصال ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت پاران ڪپھ ۽ سارين جا مقرر اگھ ڪارخانيدار ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. جڏھن ته اگھ نه ملڻ خلاف ھنڱورجا ۾ احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ ڪوريج ڪندڙ صحافين مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جيڪو عمل آبادگارن کي حراسان ڪرڻ برابر آھي. ھنن چيو ته آبادگارن خلاف ڪارخانيدارن ھڪ ھٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اگھ به صحيح نه پيا ملن ۽ جبري ڪٽوتيون پڻ ڪيون وڃن ٿيون. ھنن چيو ته ڦٽي جو مقرر اگھ 8500 ۽ سارين 4500 نه مليو ۽ آبادگارن مٿان داخل ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.