نوشھروفيروز ۾ اين پي پي اڳواڻ عاقب خان جتوئي سان پورھيت اڳواڻن جي ملاقات
عاقب خان جتوئي پاران مزدورن سان گڏ بيهڻ جو عزم، اسڪارپ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ سهڪار جي خاطري
نوشھروفيروز (ڊ ر) رئيس عاقب خان جتوئي جو مزدورن سان گڏ بيهڻ جو عزم، اسڪارپ ملازمن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري، پورهيت اڳواڻن جي اهم ملاقات . اڳوڻي ناظم، نيشنل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، ايشيا جي وڏي زميندار ۽ شيرِ سنڌ رئيس عاقب خان جتوئي سان مزدور اڳواڻن *ساگر يوسف منگي، آصف اقبال لاڙڪ، رئيس نصرالله عالماڻي، قاضي اعجاز ۽ امير علي عباسي* جي اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران شهر جي سياسي ۽ سماجي صورتحال، عوامي مسئلن ۽ خاص طور تي مزدور طبقي کي پيش ايندڙ ڏکيائين بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مزدور اڳواڻ ساگر يوسف منگي، رئيس عاقب خان جتوئي کي اسڪارپ ملازمن کي درپيش ڪجهه اهم مسئلن، سندن جائز مطالبن ۽ روزمره پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي مزدورن جي حقن جي تحفظ، مسئلن جي حل ۽ پورهيت طبقي کي درپيش ڏکيائين جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ان موقعي تي رئيس عاقب خان جتوئي مزدورن جي مسئلن کي اهميت ڏيندي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته **”اسان هر حال ۾ پنهنجي مزدور ڀائرن سان گڏ آهيون. مزدور هن سماج جو اهم ۽ بنيادي حصو آهن، سندن جائز مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. اسان جي اوطاقن جا دروازا سدائين پنهنجي پورهيت دوستن لاءِ کليل آهن.“ ملاقات دوران مزدور اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته رئيس عاقب خان جتوئي جي سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن سان اسڪارپ ملازمن سميت پورهيت طبقي کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿيندي. ملاقات جو بنيادي مقصد مزدورن جي حقن جي تحفظ، سندن آواز کي اعليٰ سطحن تائين پهچائڻ ۽ سياسي توڙي سماجي قيادت سان رابطن ذريعي پورهيت طبقي جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو.