جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ھڪ ڄڻو فوت

سنڌي خبرون 17th Dec 2023 136 مناظر

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، ھڪ ڄڻو فوت

حيدرآباد: حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. چيو پيو وڃي ته ٽنڊوالهيار مان ڪوٽڙي ڏانهن ويندڙ ٽرڪ قاسم آباد جي علائقي ۾ رستي تي خراب ٿي پئي. ان دوران ڊرائيور ٽرڪ کي بيهاري پاڻ هالاناڪي وٽان مستري کي وٺڻ ويو. ان ئي دوران هڪ تيز رفتار موٽرسائيڪل بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان وقار علي سولنگي ولد نور خان سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو رستي ۾ فوت ٿي ويو. قاسم آباد پوليس واقعي جي اطلاع تي اسپتال پهتي. فوتي نوجوان جي مائٽن ڪا به ڪارروائي نه ڪرائي ۽ نه ئي فوتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ڏنو. پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي. فوتي نوجوان جو تعلق اصل هوسڙي سان آهي ۽ هاڻي روينيو ڪالوني جي علائقي سان ٻڌايو پيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ