جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ: اڳوڻو ڪائونسلر ۽ تعليمي ماهر پرکو مل مالهي ديهانت ڪري ويو

سنڌي خبرون 05th Jan 2025 234 مناظر
عمرڪوٽ: اڳوڻو ڪائونسلر ۽ تعليمي ماهر پرکو مل مالهي ديهانت ڪري ويو

استاد پرکو مل مالهي 89 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪيو، سندس آخري رسمون شيواڻي پاڙي ۾ ادا ڪيون ويون

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ مالھي برادري جي معزز شخصيت اڳوڻو ڪائونسلر تعليمي ماھر استاد پرکو مل مالھي 89 سالن جي ڄمار ۾ ديھانت ڪري ويو سرڳواسي جون آخري رسمون عمرڪوٽ ڀرسان شيواڻي پاڙو ۾ ادا ڪيون ويون جنھن ۾ اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، سيٺ مدن لال سوماڻي، ايم سي ميمبر ڊاڪتر چيتن وينداڻي، گنگو مل، نندلال، سيٺ جھامن داس، ڊاڪٽر گورڌن، جھامن داس پراگاني، ڌنيش ڪمارـ مھراج ھرچند، ڊاڪٽر درگاداس امراني، لالچند ايل سوماڻي، ڌرمداس پڙھيار، مڪيش ڪمار کيتاڻي سميت ٻين سماجي حلقن ۽ برادري جي معززين شرڪت ڪئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ