پورٽ قاسم ڀرسان خانگي ڪيميڪل ڪمپنيءَ ۾ بوائلر پلانٽ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي
ويلڊنگ دوران حادثو پيش آيو، پوليس ۽ بچاءَ وارا ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، امدادي ڪارروايون جاري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڪراچيءَ ملير جي صنعتي علائقي پورٽ قاسم ڀرسان قائم هڪ خانگي ڪيميڪل ڪمپنيءَ ۾ ويلڊنگ دوران بوائلر پلانٽ اوچتو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ بچاءَ وارا ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون تفصيل موجب، خانگي ڪيميڪل ڪمپنيءَ ۾ بوائلر پلانٽ تي ويلڊنگ جو ڪم جاري هو ته اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ڪم ڪندڙ 35 ورهين جو محمد سهيل ولد شاهه محمد فوت ٿي ويو، جڏهن ته 45 ورهين جو وحيد زخمي ٿي پيو زخمي وحيد کي عيدهي ايمبولينس ذريعي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته بچاءَ وارن ادارن پاران امدادي ڪارروايون جاري رکيون ويون واقعي سبب صنعتي علائقي ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي